Tuesday 7 March 2023

Sindh in history today (8th March). By. Dr.Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {8th March} & My Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Woman Day. [ In our 'man-dominated society' woman has to face sorrows & longings as desired by opposite gender. History is full of hypocrisy of man. Sasui was made wandering soul in mountains, Marvi was kidnapped, Momal was put on fire and Sohni was handed over to Mighty Sindhu. Later on they became our ideals! In our times, she is not allowed to live her own life, but is required to follow man's agenda. Woman has not remained 'protected identity' in past and present] عورت جي عظمت ۽ قائل قاتل تون ڏس نھاري، مرد عورت کي ڌڪاري ساڙي رولي ۽ ٻوڙي ماري، انیاء‎ايئن ‎ڪري پوء محترم مرد ھنجھون ھاري، عورت جو سر لڻي جي ڪنهن کي چاهي نھاري، دانهون نہ ٻڌي ڪي هن جون ڪوڪي پڪاري،‏ سنسار کي سنواري، غمن منجه گھاري سلام بن.‏ ************* EVENTS from history: 8th March. 1917: Hassanand Sundardas Pamnani of Rohri was not only eminent Freedom Fighter but, Religious –minded Social worker. He established ‘Sat Sari Dharamdas Shewa Mandli’ with social and religious Aims & Objects including, teaching of Saskirt language. Today, library is also opened and it is inaugurated by MetharamSajarsing. 1919; The Rowlatt Act is being debated in the Indian Legislative Council, but, masses are rejecting it in streets. Strike is observed in Karachi, Hyderabad, Sukkur, Shikarpur and Larkano. The Aims & Objects of the Act are designed to cope with anarchical and revolutionary crimes. 1947: The Indian National Congress demands the partition of Punjab. 1948: Khan Abdul Ghafar Khan and G.M.Syed form ‘All-Pakistan Peoples’ Party’. This may kindly be kept in mind that prior to this during British Period, Sir Shahnawan Bhutto also formed Peoples Party and his son Zulfiqar Ali Bhutto was inspired by his father and named his party as Pakistan People’s Party. 1969: Opposition parties demand abolition of One-Unit. 1981: PIA plane hijacked to Afghanistan leaves for Damascus. Large scale arrests of PPP workers starts in the country in reaction. توجھ طلب واقعا ************* 8.3.1849: جکراڻين اتر سنڌ ۾ ڦرلٽ ۽ امن امان جا مسئلا پيدا ڪيا ته فرنگي سرڪار انهن کي پڪڙي گرفتار ڪري پوء کين جاني ديري ۾ آباد ڪيو. اڄ دريا خان جکراڻئ ۽ ڀورل جکراڻي ۽ سندس اولاد کي فرنگي سرڪار زمينون ڏنيون. 8.3.1917 روهڙئ ۾ 1916 ۾ ھاسارام پمناڻئ " ست سري شيوا منڊل" قائم ڪيو هو. اڄ ان ۾ لائبررئ جو اضافو ڪيو ويو. لائبررئ جو افتتاح ميٺارام سجاسنگ ڪيو. ياد رهي ته پمناڻي وڏو سماجي سڌارڪ ۽ ناميارو ڪانگريسي ڌروارو صوبائي اسيمبلئ جو ميمبر هو. سکر مسجد منزلگاه تحريڪ دوران کيس ماريو ويو هو. 8.3.1919: ڪراچئ, حيدرآباد ۽ شڪارپور سميت سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ”روولٽ بل" خلاف وڏي پئماني تي اسٽرائيڪ ڪئي وئي. گڏيل هندستان جي تاريخ ۾ هن کي ڪارو قانون چيو ويندو آھي. 8.3.1939: مولانا عبيدالله سنڌي وڏي عرصو ٻاهر گذارڻ کان پوء جڏهن سنڌ واپس وريو ته سندس انھئ واپسئ تي لڳ ڀڳ سنڌ جي سمورين اخبارن ايڊيٽوريل لکيا. اڄ روزانه "هندو" اخبار پڻ ايڊيٽوريل لکيو. جنهن ۾ اها آس ڏيکاري وئي ته مولانا سنڌي هندو-مسلم اختلاف کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ۽ سنڌ ۾ ڪانگريس کي مضبوط ڪندو. 8.3.1846: جي.ايم.سيد جي اخبار "قرباني" اڄ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ جي.ايم.سيد طرفان ٺاهيل "سنڌ اسيمبلي ڪووليشن پارٽي" جي آئيندي جي منصوبن تي روشني وڌي. ياد رهي ته هن زماني ۾ جي.ايم.سيد ۽ سر غلام حسين هدايت الله الڳ الڳ ۽ متضاد ڪوليشن پارٽيون ٺاهيون. سنڌ اسيمبلئ جا ميمبر انھن جا ميبر هئا. 8.3.1947: انڊين نئشنل ڪانگريس هڪ ٺھراء پاس ڪري پنجاب جي ورهاڱي جو مطالبو ڪيو. 8.3.1948: خان عبدالغفار خان ۽ جي.ايم.سيد پاڪستان سطح جي سياست ۽ پس منظر ۾ سياسي خدمتون سرانجام ڏيڻ لاء "پاڪستان پيپلز پارٽي" جي نالي سان پارٽي ٺاهي. ياد رهي ته "پيپلز پارٽي" جي نالي سان ورهاڱي کان اڳ سر شاهنواز ڀٽي به پارٽي ٺاهي هئي ۽ ان ۾ به جي.ايم.سيد باني ميمبرن مان هڪ هو. هن نالي پوء ذوالفقار علي ڀٽي به پارٽي ٺاهي ۽ اها پارٽي سندس ڏينھن ۾ ۽ سندس ڌئ بينظير جي ڏينھن ۾ اقتدار ۾ رهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوء ھن پارٽئ جي وارثي مالڪي زردارين جي ٿي. 8.3.1969: مخالف ڌر جي سياستدانن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ون-يونٽ ٽوڙيو وڃي. 8.3.1977: ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي 10 مارچ تي ٿيندڙ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جي بائڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پي.اين.اي هن کان اڳ قومي اسيمبلئ جي چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلين هجڻ جي ڳالھ ڪئي هئي. 8.3.1981: پاڪستاني جهاز افغانستان ڀڄائي ويندڙن اڄ جهاز کي دمشق اڏائي ويا. پٺيان پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي الذالفقار تنظيم ۽ پيپلز پارٽئ جي ڪارڪنن جو گرفتاريون شروع ڪيون ويون. بينظير ڀٽو کي گرفتار ڪري سکر جيل ۾ رکيو ويو. 8.3.1992: سنڌي ادبي سنگت جي رتيديري شاخ جون نئين سال لاء چونڊون ٿيون ۽ جنهن ۾ ارشاد سولنگئ کي سيڪريٽري, سيد غضنفر علي شاه راج کي جوائنٽ سيڪريٽري, مختيار گهمري کي آڊيٽر ۽ قمرالدين ڀٽي کي ڪائونسلر چونڊيو ويو. 8.3.1995: ڪراچئ ۾ دهشتگردن پاڻ کي سگهاري قوت ثابت ڪرڻ ۽ ڏهڪاء پيدا ڪرڻ لاء گاڏئ تي حملو ڪري آمريڪي ڪائونسليٽ ۾ ڪم ڪندڙ ٻه آمريڪي شھري ماري وڌا. 8.3.2009: شڪارپور جي جڳن ناٿ لائبررئ ۾ شيخ اياز جي سالگره ملهائي وئي. هن موقعي تي ممتاز منگئ, ضياء شاه, نسيم بخارئ, جاويد شيخ ۽ سليمان سومري شيخ اياز جي شخصيت ۽ ڏات تي روشني وڌي ************* {8 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ************ [جنم ڏينهن:] 8 مارچ 1883ع ناليواري محقق، اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جي حيدرآباد ۾ پيدائش ٿي. 8 مارچ 1889ع سياستدان، سنڌ جي اڳوڻي وزير ۽ آزادي جي تحريڪ جي سياسي اڳواڻ نهچلداس وزيراڻي جي ولادت ٿي. 8 مارچ 1908ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر حاجي محمود هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1914ع ليکڪ ۽ مصور ع ق شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1921ع اردو جي مشهور شاعر ساحر لڌيانوي جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1934ع مشهور مضمون نگار ۽ ذهين عورت بيگم ممتاز راشدي(علي محمد راشدي جي گهرواري) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 مارچ 1935ع شاعر معصوم هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1937ع شاعر وشنو مهتاڻي (گمبٽ / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1943ع ليکڪ ٽيڪم ڀاوناڻي جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1945ع اداڪار ڄيٺو لالواڻي (ڪنڊيارو / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1950ع سگهڙ بشير احمد ملاح جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1956ع سگهڙ شمس ميراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1965ع شاعر خواجه ذوالفقار جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 مارچ 1966ع ليکڪ ادل سولنگي (محرابپور) جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1967ع ليکڪ قدير شيخ (لاڙڪاڻو)جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1972ع سگهڙ لعل ڏنو پريمي شر (مينگهو فقير شر) جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1976ع صحافي ۽ ليکڪ غلام مصطفيٰ سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 8 مارچ 1981ع شاعر پريمي سعيد ملگاڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 8 مارچ 1909سيد صبغت الله شاهه ثاني (پير ڳوٺ) جي وفات ٿي. 8 مارچ 1919شاعر عبداللطيف ڀٽي (هالا) جو انتقال ٿيو. 8 مارچ 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد قاسم (ڳڙهي ياسين) جو انتقال ٿيو. 8 مارچ 1979ع شاعر جان محمد اضعف هالائي جو انتقال ٿيو. 8 مارچ 1977ع جڳمشهور ناولنگار، ڪهاڻيڪار ۽ فلمساز ڪرشن چندر جو انتقال ٿيو. 8 مارچ 1983ع الغوزي نواز خميسو خان دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. 8 مارچ 1985ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ سياستدان جي الانا جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment