Monday 9 January 2017

My Article

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
 (تو بن جاني! هيءَ جهان)
”مَ ڪي روءُ نه رڙ، نه ڪي ڪر دانهون“
پنهنجي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ قائم ٿيل هڪ هٽين ۽ نانيءَ ويڙهن کي ڏسي، ڪيترن ڏات-ڌڻين تي جهڙوڪ ڏکن جا ڏونگر ڪري پون ٿا. بلاشڪ انهيءَ ڪري جو ڏات کي ڏانوڻ وڌا وڃن ٿا ۽ عوام کي علم، عقل ۽ دانش جو اهو دڳ ڏيکاريو ۽ وٺرايو وڃي ٿو، جيڪو وس وارن جي مرضيءَ مطابق آهي. جڏهن ڪانفرنسن ۾  ڪن خاص ۽ مخصوص ماڻهن کي ور ور ڏئي گهرايو ويندو، جڏهن ٽي وي اسڪرينن کي ساڳين چهرن سان لتاڙيو ويندو، جڏهن اخبارن ۽ رسالن ۾ هڪڙا هڻڻ وارا ۽ ٻيا کڻڻ وارا گروهي ثنا خواني ۽ حريفن جي پٽڪي ڊاهڻ لاءِ قلم کي ڪات ڪهاڙي وانگر تکو ڪيون ويٺا هوندا، ۽ جڏهن ڪي سرڪاري يا درٻاري ادارا جُڙن ۽ ڪاميٽيون ٺهن ته ان ۾ من پسند ماڻهن کي رکيو ۽ ٿاڦيو وڃي ته پوءِ عوام کي اجتماعي ۽ قومي حڪمت ۽ ڏاهپ جا ڏس ڪيئن ملندا ۽ ڇو ملندا؟
اهڙيءَ صورتحال اسان کي ڏاهپ، دانش ۽ فڪر جي حوالي سان ڏيوالي ڪڍڻ واري نوبت تي آڻي پهچايو آهي. ماڻهن کي جهڙوڪ هٿ-ٺوڪيو ۽ من- پسند سچ ٻڌايو وڃي ٿو ۽ عوام تي اڌورا ۽ اڻپورا عالم، دانشور ۽ مُدبر ٿاڦيا ۽ مسلط ڪيا وڃن ٿا. سچ اهو ڪونهي جيڪو ڪنهن ريڊيو اسٽيشن يا ٽي وي چئنل تان ٻڌو وڃي، اهو به سورنهن آنا سچ ڪونهي جيڪو اسان اخبارن ۽ رسالن ۾ پڙهون ٿا. سچ ته دکي عوام جي چهرن تي لکيل آهي. سچ ته اهو آهي، جيڪو مظلوم ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي چوواٽن تي ٿيل ميڙن ۾ موجود آهي. مصيبتن جا ڪڪر ڏسڻا هجن ته ڪنهن دفتر يا اسپتال جو وڃي در وٺجي. اهو ئي سچ آهي جيڪو سنڌ جي سينڌ ۾ سندُور بدران سور وانگر وڌو وڃي ٿو.
اسان وٽ  سچ ٻڌائڻ ۽ ونڊڻ، ڏاهپ ورهائڻ ۽ عام ڪرڻ تي جيڪي هڪ هٽيون قائم ٿيل آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪي لائق ۽ فائق ماڻهو نظرانداز ڪيا وڃن ٿا، مسئلو انهن جي نظرانداز ٿيڻ جو نه آهي. بلڪه مسئلو اهو آهي ته استحصال ۽ مسلط پذيريءَ جي انهيءَ مامري کي ڪيئن ۽ ڪيترو وائکو ڪجي ۽ ان جو تدارڪ ڪيئن ڪجي.
جيڪي ماڻهون اهليت، لياقت ۽ صلاحيت جي ڏڍ بدران پارت، سفارش يا رشوت  جي ذريعي ڪا ڪليدي ڪرسي ماڻن ٿا، انهن کي پنهنجي عيبن لڪائڻ ۽ ڪرسيءَ بچائڻ لاءِ هڪ هٽيءَ ۽ ارهه زورائيءَ جي نظام ۾ ئي پناهه وٺڻي پئي ٿي ۽ ادارتي سياست مان فائدو وٺڻو پئي ٿو. اهي جيڪڏهن باصلاحيت ماڻهن کي پري نه رکندا ته پنهنجا پير پختا ڪري نه سگهندا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جا ادارا غير فعال بڻجي وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ادارن ۽ تنظيمن جي ڪرسيءَ تي ويٺل ماڻهو عهدي رتبي کي مرڻ مارڻ کانسواءِ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن.
سنڌ جي ادارن ۽ تنظيمن تي اها صورتحال سالن کان طاري آهي. پر جڏهن باصلاحيت ماڻهو پاڻ کي نظرانداز ٿيندي ڏسي آهون ۽ دانهون ڪرڻ شروع ڪن ته پوءِ عوام جو ڇا ٿيندو؟ باصلاحيت ماڻهن کي ته فقط موقعا نه ٿا ملن، پر عوام کي ته سچ ۽ صداقت، ڏات ۽ ڏاهپ کان محروم رکيو وڃي ٿو. حق ته اهو آهي ته انهن جي حقن جي ڳالهه ڪجي ۽ نه ڪي پنهنجي محرومين ۽ مجبورين جي.
مون پنهنجي حياتيءَ ۾ اهڙا انوکا ۽ عجيب رنگ ڏٺا آهن. لطيف ۽ سچل جي ڪانفرسن جي موقعن تي مون کي تاڙين وڄائڻ لاءِ دعوت ناما ملندا آهن. ڪن اهم سرڪاري لرينڊ باڊيز جو ميمبر آهيان، پر انهن جي اڪثر گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪو سڏ به ڪو نه ملندو آهي. ٽن چئن سالن کان هڪ اهم ادبي اداري جو  ميمبر آهيان. ڪڏهن ڪنهن شايع ٿيل ڪتاب يا رسالي جي ڀل ۾ به اعزازي ڪاپي ڪا نه ملندي آهي. ڪراچيءَ ۾ جهڙوڪ آرٽس ڪائونسل ۽  ٻين سرڪاري يا درٻاري ادارن سان ورو وري تي آهي. انهن طرفان ذري گهٽ روزانو فنڪشن  ٿين ٿا ۽ ڪانفرسن جو انعقاد ٿئي ٿو. اهي همراهه ته تاڙين وڄائڻ لاءِ به ڪو نه گهرائيندا آهن. اهڙيءَ صورتحال ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرسن ۾ ڪير سڏائيندو ۽ گهرائيندو.
پر پنهنجا سور پٽڻ سان سنڌ جي ۽ سنڌي عوام جي سورن جي مذڪور ۾ ڪهڙي ڪمي ايندي. مسئلو ماروئڙن جو آهي ۽ آزار نظام جو آهي. عوام تان آزار پوءِ ڪيئن لهندو جو هنن لاءِ ادي مري پئي ته ادو ڄمي پئي. سياست ڏي منهن ڪن ته کين ساڳيا چهرا مٿي ۾ لڳين. ٽي وي  ڏسن ته ساڳيان مهانڊن جو منهن ڏسن، اخبارون ۽ رسالا پڙهن ته انهن ئي ساڳين ماڻهن جا مقالا ۽ مضمون پڙهن ۽ جيڪڏهن ڪانفرنسون ٿين ته هر دفعي ساڳيا ماڻهو ڪن ڪڍي اچي سندن اڳيان بيهن. ڇا اسان انهن مان جند ڇڏائي نه ٿا سگهون؟ ڇا اسان جي نصيب ۾ فقط ۽ فقط روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ ئي لکيل آهي؟
Website: www.drpathan.com

No comments:

Post a Comment