Saturday 7 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (7th January) By: Dr. Pathan


** 1850ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي
 هدايتون جاري ڪيون ته سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي طور لاڳو ڪيو وڃي،
 جڏهن ته انگريز عملدار ڪيپٽن اسٽيڪ جي تجويز ڪيل
 عربي اکرن کي سنڌي الفابيٽ ۾ شامل ڪيو ويو.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هزهائينس مير علي مراد خان ڪورٽ
 آف ڊائريڪٽرس آڏو پيش ٿيو، جتي هن ٻڌايو ته سندس رتبو گهٽايو ويو
 آهي، باوجود ان جي جو هن پنهنجو مخصوص علائقو پڻ ڇڏي ڏنو آهي،
 واضح رهي ته انگريزن سان وفاداري ڪرڻ باوجود مير علي مراد ٽالپر
 تي فراڊ جو الزام لڳايو ويو، جنهن ۾ هو ملوث نه هو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ پوليس فائرنگ ۾ ڪيترائي
 شاگرد مارجي ويا، وڏي انگ ۾ شاگردن پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ 
ريلي ڪڍي هئي، جنهن تي پوليس فائرنگ ۽  شيلنگ ڪئي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر جنرل آف پاڪستان حيدرآباد
 ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکيو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نئون آرڊيننس جاري ڪيو ويو،
 جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته اِي بي ڊي او جا متاثر سياستدان
 پنهنجي نااهلي خلاف اپيل ڪري سگهندا.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جرمني ۽ پاڪستان وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو،
 جنهن تحت جرمني ملتان ۾ ٽريڪٽر آپريشنز اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻو فوجي صدر جنرل يحيٰ خان راولپنڊي
 واري گهر کان اڻڄاڻايل هنڌ منتقل ٿي ويو،
 اختيارين ڄاڻايو ته کيس سيڪيورٽي خدشا آهن.
** 1980ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اندرا گانڌي چونڊن ۾ ٻيهر
 ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، سندس پارٽي ڪانگريس 525
 سيٽن مان 351 سيٽون حاصل ڪيون.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو چيو ته بلوچستان 
اسيمبلي ۽ حڪومت کي بحال ڪرڻ واري عدالتي حڪم تي عمل ڪيو ويندو.

No comments:

Post a Comment