Saturday 21 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (21st January) By: Dr. Pathan



** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل
 ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر کي هدايتون جاري ڪيون ويون
 ته هو مٿان کان هدايتون ملڻ کانسواءِ پنهنجي طرفان ڪوبه قدم نه کڻي.
** 1855ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز حڪومت سنڌ ۾ پنهنجا وفادار
 پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف قدم کنيا ۽ ماڻهن کي گرانٽس ڏيڻ جو معاملو
 متعارف ڪرايو، سنڌ جي ڪمشنر ان حوالي سان سڀني 
ڪليڪٽرن کي هدايتون ڏنيون ته زميندارن لاءِ 
سيري ۽ مامول گرانٽون منظور ڪيون وڃن.
** 1858ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جاگيرن بابت اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد
جي ڪليڪٽر کي درخواست ڪئي ته انهن اسڪولن جي فهرست
 فراهم ڪئي وڃي جتي مرمت جو ڪم ڪرائڻو آهي،
 واضح رهي ته ان وقت ايجوڪيشنل انسپيڪٽر اڃا مقرر نه
 ٿيو هو ۽ اسڪولن جا معاملا جاگيرن واري اسسٽنٽ ڪمشنر حوالي ٿيل هئا.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جي ٿيل چونڊن
جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا، مسلم ليگ 27 سيٽون کڻي سڀني کان وڌيڪ 
اڪثريتي پارٽي طور سامهون آئي، جڏهن ته ڪانگريس کي 21،
 سائين جي ايم سيد گروپ کي 4، قومپرست مسلمانن کي 4، 
يورپينز کي 4 ۽ هڪ سيٽ پورهيتن لاءِ رکيل ڪوٽا ۾ هلي وئي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڍاڪا ۾ جهڙپن دوران فائرنگ 
جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جڏهن ته
 ساڳئي ڏينهن تي راولپنڊي ۾ به حڪومت خلاف احتجاج ڪيا ويا،
 جنهن ۾ پوليس تشدد ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايران پاران اٽڪل 444 ڏينهن کانپوءِ 
52 آمريڪين کي آزاد ڪيو ويو، جن کي تهران ۾ موجود 
آمريڪي سفارتخاني ۾ رکيو ويو هو، 1979ع ۾ ايراني شاگردن
 آمريڪي سفارتخاني تي حملو ڪيو هو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پختون اڳواڻ ولي خان وفاقي
 سرڪار ڪالاباغ ڊيم بابت اهم چتاءُ ڏنو، خان عبدالغفار خان 
جي ورسي تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن ٽن 
صوبن جي مخالفت باوجود اهو ڊيم ٺاهيو ويو ته اسان ان کي بم سان اڏائي ڇڏينداسين.

No comments:

Post a Comment