Sunday 22 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (23rd January) By: Dr. Pathan



** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي راٺومل اينڊ سنز نالي ڪمپني جي مالڪ 
ڄيٺمل کي مصر جي پورٽ سعيد وٽ گرفتار ڪيو ويو، هن بابت هانگ
 ڪانگ مان اها معلومات ملي ته هو هندستان جي انقلابي تحريڪ ۾
 مصروف آهي، هو گدر پارٽي جي ماڻهن سان گڏ آمريڪا ويل هو،
 جتان کيس واپس هندستان اچڻو  هو، سندس گهر جي تلاشي ورتي
 وئي ۽ ڪجهه دستاويز هٿ ڪيا ويا، واضح رهي ته گدر پارٽي
 سان سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو لاڳاپيل رهيا، سنڌ جي ماڻهن آزادي
 واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آزادي واري تحريڪ 
۾ سنڌين نه رڳو حصو ورتو پر مالي مدد پڻ ڪئي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو اعلان ڪيو ته ملڪ
 ۾ جمهوريت بحال ٿي رهي آهي، صوبائي اسيمبلين جو اجلاس 23 
مارچ تي گهرايو ويو آهي، جڏهن ته بنيادي جمهوريت جي نالي تي
 ايوب شاهي جو لاڳو ڪيل مڪاني ادارن جو نظام نئون سسٽم اچڻ سان تبديل ٿي ويندو.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٽنڊوالهيار جي بزم مرتضيٰ طرفان
 مرتضيٰ مشاعرو ڪرايو ويو، بزم جي صدر سليم بچاڻي ۽ جنرل
 سيڪريٽري عبدالخالق هڪڙو آجياڻو ڏنو، ان موقعي تي تنظيم 
جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، انهيءَ مشاعري ۾ 
وڏي انگ ۾ شاعرن ۽ ليکڪن پاران شرڪت ڪئي وئي.
** 1986ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر
 جنرل ضياءُالحق جي آرمي چيف طور مدي کي جاري رکڻ 
بابت ايوان ۾ آيل رٿ تي رولنگ محفوظ ڪري ورتي.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ بلوچستان
 اسيمبلي جي برطرفي واري قدم کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ترڪي ۽ پاڪستان عراق جي صدر
 صدام حسين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڪويت مان عراقي فورسز کي نيڪالي ڏني وڃي.
** 2005ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان جي مشهور ڊاڪٽر 
شازيه زيادتي ڪيس ۾ پي پي ايل اسپتال سوئي جي ٻن ڊاڪٽرن
 عثمان واڊا ۽ محمد علي کي گرفتار ڪيو ويو، پر فورسز جا 
اهلڪار سوئي ٿاڻي جو گهيرو ڪري اهي ڊاڪٽر کڻي ويا، 
هوڏانهن نواب بگٽي سنڌ واسين طرفان حمايت ڪرڻ تي شڪريو
 ادا ڪيو، پي پي ايل ۾ ڊاڪٽر شازيه سان زيادتي ڪئي وئي هئي، 
جنهن تي نواب اڪبر بگٽي ملوث ماڻهن کي سزائون ڏيڻ جو
 مطالبو ڪيو هو، فورسز ۽ بگٽي ۾ ڇڪتاڻ ٿي
 ۽ معاملو خراب ٿي ويو، آخرڪار نواب اڪبر بگٽي شهيد ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment