Thursday 12 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (13th January) By: Dr. Pathan


** 1846ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪائونسل آف ايجوڪيشن حيدرآباد ۾ انگريزي
 اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اهو غور ويچار 3 مهينا اڳ 
ڪيو ويو هو پر حيدرآباد سان گڏ ڪراچي جو نالو به غور هيٺ 
هو پر آخر ۾ حيدرآباد ۾ انگلش ميڊيم اسڪول جو فيصلو ٿي ويو.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ سڀني فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽن
 کي سمري ڪورٽ جا اختيار ڏيڻ لاءِ ايڪٽ پاس ڪيو ويو، 
اهو قانون ڪانگريس ۽ ان سان لاڳاپيل حامي جماعتن خلاف ايڪشن لاءِ آندو ويو هو.
** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قمبر ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس ڪوٺائڻ 
لاءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي صدارت ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ ۾ اسلامي روايتن کي هٿي ڏيڻ ۽ 
اسلامي طرز جو لباس پهرڻ بابت جاڳرتا لاءِ پاڪستان نيشنل
 ٽرسٽ قائم ڪئي وئي، جنهن لباس ۾ ڪيتريون ئي تبديليون تجويز ڪيون.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل رٽائرڊ اعظم خان حيدرآباد
 ۾ بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي انڪشاف ڪيو
 ته 1962ع وارو آئين پاڪستان جي نظرئي ۽ عوام خلاف آهي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ تي
پاڪستان بلغاريا سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا.
** 1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق جي حڪومت
 مارشل لا آرڊر جاري ڪيو ته ڪابه عوامي گڏجاڻي نه ڪوٺائي ويندي،
 جڏهن ته قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ 25 ۽ 28 جنوري تي ڪرائي ويندي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا، برطانيا ۽ ان جي
اتحادي ملڪن عراق تي بمباري ڪئي، صدر صدام حسين به
 جوابي ڪارروائي جو اعلان ڪيو.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي پوليس مبينا مقابلي
 ۾ 6 ڌاڙيلن کي ماري مشهور واپاري سيٺ هارون دادا کي بازياب ڪرائي ورتو.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل جهانگير ڪرامت عبدالوحيد
 ڪاڪڙ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ آرمي چيف جو عهدو سنڀالي ورتو.
** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا ۾ انجيڪشن هڻي
 مريضن کي ماريندڙ سيريل ڪلر ڊاڪٽر هيرالڊ شپمين 
جيل ۾ مئل حالت ۾ مليو، هن اٽڪل 200 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاريو هو

No comments:

Post a Comment