Thursday 19 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th January) By: Dr. Pathan


** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير نصير خان ٽالپر علي بهار ڪئنال
 تي ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو پر ايسٽ انڊيا ڪمپني
 حڪومت طرفان منصوبي جي حمايت ۾ مناسب حالتون پيدا نه ڪرڻ
 سبب ڪم شروع نه ٿي سگهيو، سنڌ حڪومت هندستاني سرڪار
 جي گورنر جنرل کي درخواست ڪئي ته علي بهار ڪئنال تي ٻيهر
 ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان حوالي سان سرويئر ايل 
ميڪلوڊ کي ڪئنال جي فائدن بابت رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل
 ڪشمير تڪرار جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي منگلا ڊيم منصوبي جي تعمير 
جو ٺيڪو سائوٿ آمريڪن فرمس ڪنسورشيم کي ڏنو ويو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو لنڊن
 ۾ برطانوي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي 
سوئيز ڪئنال جي حوالي سان آمريڪا ۽ برطانيا جي پاليسي جي مذمت ڪئي.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ڀارتي وزيراعظم اندرا
 گانڌي کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، واضح
 رهي ته اڳتي هلي 1971ع ۾ اندرا گانڌي پاڪستان کي ٽوڙائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اصغر خان حيدرآباد پهتو ۽ پريس
 ڪانفرنس ۾ چيو ته صرف ذوالفقار علي ڀٽو ئي مخالف ڌر جي 
پارٽين کي متحد ڪري سگهي ٿو، واضح رهي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو
 اقتدار ۾ آيو ته اصغر خان ئي سندس حڪومت کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو هو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
 ۽ پ پ جي ٻين 9 اڳواڻن کي چونڊن ۾ بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو،
 انهن اڳواڻن ۾ وڏا وزير به شامل هئا، ذوالفقار علي ڀٽو لاڙڪاڻي
 مان فارم ڀرايو، جتي سندس مقابلي ۾ بيٺل اميدوار مولانا جان
 محمد عباسي کي فارم ڀرڻ نه ڏنو ويو ۽ کيس گم ڪرايو ويو،
 ان ئي معاملي سبب ذوالفقار علي ڀٽو خلاف تحريڪ هلي ۽ اڳتي هلي مارشل لا لڳي وئي.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسلام آباد ۾ صدر اسحاق خان، 
وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ آرمي چيف جنرل اسلم بيگ وچ ۾ اهم 
گڏجاڻي ٿي، انهيءَ گڏجاڻي جي ڪجهه مهينن کانپوءِ صدر 
اسحاق خان پيپلزپارٽي جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment