Saturday 14 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th January) By: Dr. Pathan


** 1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا جي انگريز سرڪار سنڌ ۾ جاگيرون
 ڏيڻ دوران انهن تي 4 کان 5 سيڪڙو ٽيڪس به لڳايو، پر انگريزن پنهنجن 
وفادار جاگيردارن کي ان مد ۾ رعايت ڏني، ڪجهه جاگيردارن کي چيو ويو
 ته اهي ڪجهه عرصي لاءِ اهو ٽيڪس نه ادا ڪندا، جڏهن ته ڪجهه 
اهڙا جاگيردار به هئا، جن کي چيو ويو ته اهي ٽيڪس کان آجا آهن.
**1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ هفتيوار اخبار
 روزاني الامين پهرين خلافت ڪانفرنس بابت تفصيلي رپورٽ شايع
 ڪئي، اها اخبار شيخ عبدالمجيد سنڌي جي ادارت ۾ نڪرندي هئي، 
اخبار ڪانفرنس کي حيدرآباد جي سياسي تاريخ جي وڏي ڪانفرنس قرار ڏنو،
 ڪانفرنس جي صدارت مولانا غفور احمد ملڪاڻي ڪئي هئي.
** 1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڏوڪريءَ ۾ مسلم ليگ طرفان عوامي
 گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مير بنده علي ٽالپر جي مسلم ليگ ۾ 
شموليت تي کيس مبارڪباد ڏني وئي، گڏجاڻي جي آخر ۾ ٺهراءُ پاس 
ڪري مطالبو ڪيو ويو ته ڊاڪٽر علامه دائودپوٽو کي پبلڪ
 انسٽرڪشنز سنڌ جو مستقل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو وڃي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل
 ۾ ڪشمير جي تڪراري مسئلي تي بحث شروع ڪرايو ويو، ڀارت
 ۽ پاڪستان پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪيو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو نئين دهلي پهتو،
 جتي ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۾ ڪشمير سميت 
تڪراري مسئلن تي ڳالهين جو دور شروع ٿيو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق جي حڪومت ذوالفقار علي ڀٽو
 جي حڪومت خلاف 3 وائيٽ پيپر جاري ڪيا، جنهن ۾ پ پ حڪومت
 تي اهو الزام لڳايو ويو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي خراب گورننس سبب 
ملڪ کي نقصان پهتو آهي، ضياءُالحق جمهوري حڪومت جو تختو
 اونڌو ڪرڻ بعد پاڻ اقتدار سنڀاليو ۽ گڊ گورننس آڻڻ جي دعويٰ ڪئي پر هو پاڻ به ان ۾ ناڪام رهيو

No comments:

Post a Comment