Saturday 14 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (14th January) By: Dr. Pathan


** 1840ع ۾ ڪراچي شهر ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوجي ڪنٽرول ۾ اچي ويو،
 بمبئي حڪومت سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪندي اڄوڪي تاريخ
 تي سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙيون هلائڻ لاءِ سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪرڻ جي
 درخواست ڪئي پر هندستاني سرڪار اهو ڪيس پنهنجن سنڌ ۾ مقرر
 پوليٽيڪل آفيسرن کي موڪلي ڏنو، روز بيل ۽ ميجر آئوٽرام کي
 چيو ويو ته اهي ان معاملي تي پنهنجي راءِ ڏين.
** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر کي بمبئي سرڪار طرفان 
هدايت ڪئي وئي ته سنڌ جي هاڻوڪي ۽ اڳوڻين حڪومتن کي ملندڙن
 فنڊن، پينشن ۽ چيئرٽيبل الائونس بابت رپورٽ تيار ڪئي وڃي.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي ورڪنگ 
ڪاميٽي جي گڏجاڻي حيدرآباد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي صدارت
۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ مسلم ليگ جي انهي فيصلي تي غور ڪيو ويو، جيڪو
 لاڙڪاڻي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو هو، مسلم ليگ سنڌ ۾ جاگيرداري
نظام جي خاتمي جو فيصلو ڪيو هو، هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن
 جو چوڻ هو ته مسلم ليگ يا ان جي حڪومت جاگيرداري نظام
ختم ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي، اهڙو مطالبو عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جي پرائيويٽ نيو
ڪليئر پلانٽ ايجنسي پاڪستان ۾ 150 ميگاواٽ يورينيم جي
 رچاءُ وارو ري ايڪٽر لڳائڻ لاءِ مالي مدد جي آڇ ڪئي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر يحيٰ خان ڍاڪا ۾ هڪ
 ميڙ کي خطاب ڪندي بنگالي عوام سان واعدو ڪيو ته شيخ
 مجيب الرحمان پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم هوندو ۽ ان 
حوالي سان هلندڙ ڳالهين جا بهتر نتيجا نڪرندا.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر
 جنرل ضياءُالحق 16 رڪني صلاحڪاري ڪاميٽي قائم ڪئي، 
جنهن ۾ اي ڪي بروهي، اي جي اين قاضي، حاجي مولا بخش
 سومرو ۽ شريف الدين پيرزادو پڻ شامل هئا، اها ڪاميٽي
 حڪومت جا معاملا هلائڻ جي حوالي سان جوڙي وئي هئي.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي سينيٽر پريسلر اسلام آباد ۾ 
پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيستائين پاڪستان پنهنجو ايٽمي
 پروگرام بند نٿو ڪري تيستائين کيس آمريڪا طرفان ڪابه
 امداد نه ڏني ويندي. واضح رهي ته پريسلر ترميم تي پاڪستان وڏو گوڙ ۽ احتجاج ڪيو هو.
**2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي لانڍي
 جيل ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، اتي جهاز هائيجيڪنگ
 ڪيس ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي به سختي
 ڪئي وئي، سعيد مهدي ۽ راڻا مقبول کي نواز شريف 
جي ڀر واري بيرڪ مان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو

No comments:

Post a Comment