Monday 23 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (24th January) By: Dr. Pathan


** 1889ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار مسٽر نيورورٽي کي سنڌ
 جي ڪمشنر جو اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو، جيڪو اٽڪل 10 سالن کانپوءِ ڪمشنر بڻجي ويو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ ڀارت ڪشمير تڪرار
 جي حل لاءِ راءِ شماري ڪرڻ بابت هڪ معاهدي تي راضپو ظاهر ڪيو.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ صوبائي هاري ڪاميٽي 
۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي پاڻ ۾ ضم ڪيو ويو، ٻئي پارٽيون 
ڌار ڌار موقعن تي ٺاهيون ويون هيون، ٻنهي کي گڏائي هڪ
 پارٽي ٺاهڻ کانپوءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
 ۽ عبدالقادر کوکر کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ مولانا سيد سليمان جي
 صدارت ۾ ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ مولانا مودودي سميت
 31 ناليوارن اسڪالرن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس 22 نقاطي
 ايجنڊا تحت گهرائي وئي هئي، جنهن جو مقصد اسلامي 
رياست جي قيام لاءِ ڪوششون وٺڻ هو.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان ۾ زميني سڌارن
 جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ آبادگارن لاءِ اها پابندي لاڳو
 ڪئي وئي ته ڪير به زرعي علائقي ۾ هڪ هزار ايڪڙ
 کان وڌيڪ زمين نه رکي سگهندو، جڏهن ته باراني علائقن 
۾ اها پابندي 500 ايڪڙن تائين رکي وئي.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سينٽو ۽ آر سي ڊي هڪ ٻئي 
سان سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، سينٽو جو سيڪريٽري
جنرل ايران جي دوري کانپوءِ پاڪستان پهتو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان خلاف احتجاجن
 ۾ تيزي اچي وئي، ڍاڪا سيڪريٽريٽ کي باهه ڏني وئي، 
جڏهن ته ڪراچي ۾ وڏي تعداد ۾ مظاهرين تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي وئي،
مظاهرين جو چوڻ هو ته هاڻي ايوب خان کي ٿوري دير لاءِ به برداشت نٿو ڪري سگهجي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت پاڪستان
 جي سفارتڪار کي نيڪالي ڏئي ڇڏي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي منشور
 جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ اٽو لٽو ۽ اجهو جو  نعرو ڏنو ويو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ويجهي 
ساٿي مولانا ڪوثر نيازي چيو ته آئون نصرت ڀٽو طرفان
 بينظير ڀٽو کي پارٽي ۾ اهم عهدو ڏيڻ جي مخالفت ڪندس.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق ذوالفقار علي ڀٽو
 جي حڪومت خلاف هڪ ٻيو وائيٽ پيپر جاري ڪيو،
 جنهن ۾ چيو ويو ته ڀٽو رياستي ادارن کي گهٽ اهميت ڏني.

No comments:

Post a Comment