Saturday 21 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (22nd January) By: Dr. Pathan


** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور جي پراڻي قلعي کي سول جيل
 ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ ان ۾ 4 بئرڪون ٺاهيون ويون، هڪ بئرڪ
 ۾ 50 قيدين کي رکڻ جي گنجائش ٺاهي وئي، انهي جيل جي تعمير
 تي آيل خرچ بابت سنڌ جي گورنر هندستاني سرڪار
 کي درخواست لکي ۽ رقم منظور ڪرڻ جو چيو.
** 1897ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دي ڪراچي ٿيوسافيڪل سوسائٽي قائم ٿي، 
هن سوسائٽي ۽ ان سان لاڳاپيل هوم رول ليگ سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار
 ادا ڪيو، ڪانگريس اڳواڻ هيوم پڻ ٿيوسافسٽ هو، ٿيوسافيڪل 
سوسائٽي نه رڳو سنڌ پر هند جي سياست تي به پنهنجو اثر ڇڏيو.
** 1928ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪانگريس جي انتهائي
 اهم گڏجاڻي نارائڻ داس آنند جي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ سوامي گووند نند،
 محمد خان، سيٺ حاجي عبدالله هارون، پروفيسر جهمٽ مل، ماني لال وياس،
 شيخ عبدالمجيد سنڌي، مير محمد بلوچ، آر ڪي سڌوا، نرسنگهه لال ۽ ٻين 
شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سائمن ڪميشن خلاف
 3 فيبروري تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو ڏهاڙو ملهايو ويندو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو
 گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي واضح ڪيو ته ڀارت 
ڪشمير ۾ پنهنجي جارحيت وڌائي رهيو آهي. پاڪستان ان کي قبول نه ڪندو.
**1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا ۾ اٽڪل 10 هزار سرڪاري ملازمن
 هڙتال ڪري ڇڏي، جنهن ڪري سڄو ڪاروهنوار بند ٿي ويو، 
پگهارن ۾ واڌ لاءِ اهو احتجاج مختلف شهرن ۾ رڪارڊ ڪرايو ويو،
 انهن ملازمن ۾ اسڪولن، اسپتالن، ڪاليجن ۽ ٻين کاتن جا ملازم شامل هئا. 
هنن جو مطالبو هو ته پگهار نه وڌائي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿي، 
جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ قومي اتفاق راءِ سان نگران حڪومت جوڙي وڃي.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو وڏن شهرن ۾
 سوڪ سينٽر قائم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي، هن چيو ته 
صارفين کي يوٽيلٽي بلن جي ادائيگي لاءِ 15 ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي.
**2009ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي صدر اوباما گوانٽانامو
 بي سميت سي اءِ اي جا ڳجها حراستي مرڪز بند ڪرڻ جو
 اعلان ڪيو.دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف به ڪيائين.

No comments:

Post a Comment