Saturday 28 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th January) By: Dr. Pathan


** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار سنڌ ۾ جبري پورهيو روڪڻ
 لاءِ سنڌ حڪومت کي هڪ آرڊر جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته جبري
پورهيو ڪرائڻ کي ڏوهه تصور ڪيو ويندو ۽ جيڪو به ماڻهو اهو
 ڏوهه ڪندو، ان کي سزا ڏني ويندي، واضح رهي ته 
ان دور ۾ به جبري پورهيو ڪرايو ويندو هو.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شيخ عبدالمجيد سنڌي سنڌ کي بمبئي کان
 ڌار ڪرڻ واري معاملي بابت هلندڙ تحريڪ کان عوام کي
 آگاهي ڏيڻ لاءِ روزاني الوحيد اخبار ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا
 ۽ اهو سلسلو گهڻي وقت تائين جاري رهيو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي دستور ساز
 اسيمبلي ملڪ جي پهرين آئين جي منظوري ڏني.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت
 دعويٰ ڪئي ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر
 بڻائڻ لاءِ فورسز جا دستا موڪليا ويا، واضح رهي ته بلوچستان
 ۾ فوجي آپريشن ڪرڻ تي سياسي ۽ قومپرست پارٽين سخت احتجاج ڪيو هو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي اتحاد پي اين 
اي حڪومت کي بدعنوانيون ڪندڙ ڪامورن جون فهرستون
 فراهم ڪيون، ان حوالي سان جنرل ضياءُالحق ۽ مفتي
 محمود وچ ۾ هڪ ڊگهي گڏجاڻي پڻ ٿي.
** 1984ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي افغانستان مان پاڪستان جي
 علائقي ۾ هوائي حملو ڪرڻ جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو فوت ٿي ويا،
 جنهن تي پاڪستان سخت احتجاج ڪيو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اجمل خان خٽڪ چيو ته سنڌ ۽
 اين ڊبليو ايف پي (خيبرپختونخوا) جي عوام ڪالاباغ ڊيم کي
 رد ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري آءِ جي آءِ سرڪار هن 
رٿا کي دفن ڪري ۽ مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهڻ جي ڪوشش نه ڪري.
**1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي يو بي ايل نجي شعبي حوالي نه ٿي سگهي،
 ان حوالي سان اسلام آباد ۾ رکيل نيلامي دوران ڪابه پارٽي نه آئي، 
نجڪاري ڪميشن جا ميمبر خريدار جو انتظار ڪندا رهيا ۽ آخر ۾ روانا ٿي ويا.
**1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي نيشنل پارٽي حڪومت کي
 ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن 15 فيبروري تائين سرحد جو نالو پختونخواه نه
 رکيو ويو ته حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿي وينداسين.
**2004ع ۾ فوجي قيادت لبيا ۽ ايران کي ايٽمي معلومات فراهم 
ڪندڙ پاڪستان جي سائنسدانن خلاف ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

No comments:

Post a Comment