Monday 30 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th January) By: Dr. Pathan


** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر پنهنجي
 سرڪار کي سنڌ جي حڪمرانن سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪئي،
 هن ڄاڻايو ته خيرپور جو دورو ڪيو ته اها ڳالهه حيدرآباد جي 
مير حڪمرانن کي نه وڻي آهي، هن اهو به ڄاڻايو ته منشي خوشي
 رام سان معاهدي جي مسودي تي بحث ڪيو ويو آهي.
** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي انگريز سرڪار کي
اها معلومات فراهم ڪئي وئي ته شاهه شجاع الملڪ ڀاڳناڻي پهچي ويو آهي،
 جڏهن ته مير رستم خان جو پٽ ۽ ڀائٽيو حيدرآباد پهتا آهن ۽ مير نور محمد خان ٽالپر
 کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اهو شاهه
 شجاع الملڪ کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏئي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيل خلافت ڪانفرنس ۾ 15 
هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي، جيڪو لاڙڪاڻي جي سياسي تاريخ 
جو هڪ وڏو پروگرام هو، جنهن ۾ انگريزن خلاف
 هلندڙ تحريڪ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وئي.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ڪانگريس جي قيادت آل انڊيا 
ڪانگريس ڪاميٽي جي هدايت تي سول نافرماني واري تحريڪ شروع
 ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا اپريل 1934ع تائين جاري رهي.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جي دفاع واري وزير الزام 
هنيو ته چين پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اختلاف پيدا
 ڪري ننڍي کنڊ کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گرفتار ڪيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
 خلاف ڪيس جي ڪارروائي دوران وڏي انگ ۾ سندس حامي پهچڻ سبب
 سرڪار اهو فيصلو ڪيو ته ڪيس جي ٻڌڻي بند ڪمري ۾ هلائي ويندي
 ته جيئن ذوالفقار علي ڀٽو جا وڏي انگ ۾ ايندڙ حامي ڪيس ۾ ڪو
 رخنو نه وجهي سگهن، واضح رهي ته جنرل ضياءُالحق جي سرڪار 
ڀٽو خلاف ڪيس کي جلد انجام تي پهچائڻ ۽ کيس ڦاهي تي لٽڪائڻ جي
 حڪمت عملي جوڙي ڇڏي هئي.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو
 ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 91 ماڻهو مارجي ويا ۽ 1500 کان
 وڌيڪ زخمي ٿي پيا، اسپتالن ۾ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو،
 تامل ٽائيگرز حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لنڊن ۾ سيريل ڪلر طور مشهور
 جوابدار ۽ مشهور ڊاڪٽر هيرالڊ شپمين کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي وئي، 
هن لڳاتار 100 ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڌڪيو.

No comments:

Post a Comment