Sunday 8 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (9th January) By: Dr. Pathan


** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي انگريز سرڪار پنهنجي
 پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر کي خط لکي سندس سنڌ تي حڪمراني
 ڪرڻ بابت تيار ڪيل مشن رپورٽ جي حوالي سان آگاهي ورتي،
 جڏهن ته هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر لاءِ گرانٽ منظور ڪئي وئي.
** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شاهه شجاع الملڪ افغانستان مان قلات پهچي ويو، 
اهڙي خبر پوڻ بعد سنڌ جي حڪمرانن شڪارپور کي مضبوط 
ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڏنيون، هنن شڪارپور ۾
 وڌيڪ فورسز کي مقرر ڪيو ته جيئن شاهه شجاع
 الملڪ جي امڪاني حملي کان بچي سگهجي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيڪب آباد ۾ سنڌي مسلم ڪانفرنس شروع ٿي،
 جنهن جي صدارت حاجي عبدالله هارون ڪئي، انهيءَ ڪانفرنس
 ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ انڊين ليجسليٽو
 اسيمبلي جي اڪثر سنڌي ميمبرن شرڪت ڪئي.
** 1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روزاني الوحيد پنهنجي ايڊيٽوريل ۾
 ڊاڪٽر علامه دائودپوٽي جي نصابي ڪتابن ۾ سڌارا آڻڻ واري تجويز
۽ موقف جي حمايت ڪئي، دائودپوٽي جو خيال هو ته نصابي ڪتابن
۾ سنڌي اکرن جا اچار بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، علامه
 دائودپوٽي جي انهيءَ تجويز جي ڪجهه ليکڪن ۽ هندو پريس
 مخالفت ڪئي، جنهن بعد معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ سينٽرل
 ايڊوائيزري بورڊ فار سنڌي لينگويج اينڊ لٽريچر نالي ادارو
 قائم ڪيو ويو، جيڪو بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ ٿي ويو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي وزيراعظم سر اينٿوني
 ايڊن استعيفا ڏئي ڇڏي، هن استعيفا جو سبب صحت جي خرابي ڄاڻايو،
 سندس استعيفا جو اعلان بڪنگهم پئلس جي ترجمان طرفان ڪيو ويو،
 اينٿوني پرڏيهي وزير سميت ٻين عهدن تي به رهيو. 
هو ڪنزرويٽو پارٽي جو اهم اڳواڻ به هو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جو اڳواڻ شيخ مجيب
 الرحمان پي آءِ اي جي چارٽر جهاز ۾ پاڪستان مان لنڊن پهتو،
 هن پاڻ کي بنگلاديش جو صدر ڄاڻايو.
**1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اپوزيشن ليڊر بينظير ڀٽو وزيراعظم نواز شريف
 خلاف جوابي ريفرنس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نواز شريف
 خلاف 3 ريفرنس داخل ڪرايا ويندا، ڇاڪاڻ ته
 حڪومت غيرجانبدار احتساب ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

No comments:

Post a Comment