Saturday 28 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (28th January) By: Dr. Pathan

   
 ** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر جي تجويز تي برطانوي نيول ڪمانڊر ان چيف ايڊمرل سر فيڊرڪ ميٽلينڊ ڪراچي پهتو،
 ڪرنل پوٽينجر سرڪار کي تجويز ڏني ته جيڪڏهن سنڌ تي قبضو ڪرڻو 
آهي ته پهرين ڪراچي تي قبضو ڪيو وڃي، جڏهن ته هن جهرڪ
 مان هندستاني سرڪار کي خط موڪليو ته انگريزن جي وفادار
 رهندڙ سيٺ نائو مل جي خاندان کي ڪراچي ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ايڇ ڊي گرلس هائوس
 اسڪول ۾ سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ سرگرم عورتن جي گڏجاڻي ٿي، 
جنهن جي صدارت مس رڪي شهاڻي ڪئي، جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري
 مس ديوي ٻائي هئي، انهي گڏجاڻي ۾ اٽڪل 80 عورتن شرڪت ڪئي
۽ اتفاق راءِ سان وومين انڊين ايسوسيئيشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،
 جنهن جو بعد ۾ نالو تبديل ڪري هندي استري منڊل رکيو ويو،
 جنهن سنڌ ۾ سماجي سياسي شعبن ۾ وڏو ڪم ڪيو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان جي مسلم ليگ سان تعلق 
رکندڙ 20 ايم اين ايز ڍاڪا ۾ گڏيل پريس بيان جاري ڪندي ايسٽ
 پاڪستان ۾ احتجاج کي روڪڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪرڻ واري قدم جي مخالفت ڪئي.
**2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي سٽي ڪورٽ ۽ ملير افغان
 ڪئمپ ويجهو مسجد ۾ بم ڌماڪا ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا 
۽ 35 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، پاڪستان ڌماڪن جو الزام ڀارت تي لڳائي ڇڏيو.
** 2001ع ۾ ڀارتي رياست گجرات ۾ هڪ ٻيو خطرناڪ زلزلو  آيو،
 جنهن سبب فوتين جو تعداد وڌي 30 هزار ٿي ويو، مختلف علائقن ۾
 ڦاٿل ماڻهن جو انگ به هڪ لک کان وڌي ويو، مدد لاءِ فوج کي طلب 
ڪيو ويو، گجرات واري پٽي ۾ زلزلي جي جهٽڪن سبب ٿرپارڪر، 
بدين ۽ ميرپورخاص ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا ۽ سوين 
ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري ايا.
** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايٽمي ٽيڪنالاجي جي منتقلي بابت 
55 سائنسدانن، سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ انهن سان لاڳاپيل ماڻهن کان 
پڇاڻو مڪمل ڪيو ويو، جن مان 26 ڄڻن کي ڪليئر قرار ڏئي 
16 سائنسدانن کان پڇاڳاڇا جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 
جڏهن ته ايران ۽ لبيا کي پاڪستان جي ايٽمي ٽيڪنالاجي بابت 
ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر
 عبدالقدير خان خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.
ٻئي پاسي ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۽ ٻين سائنسدانن کي حراست ۾ وٺڻ 
خلاف سول سوسائٽي ۽ شهرين پاران ملڪ جي مختلف شهرن ۾
 احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾
 درخواست داخل ٿيڻ تي عدالت سرڪار کان جواب طلب ڪري ورتو.

No comments:

Post a Comment