Wednesday 18 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (19th January) By: Dr. Pathan


** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾مقرر انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي شڪايت ڪئي ته هن کان ڦرلٽ ڪئي وئي آهي. جنهن جي شڪايت هو سنڌ جي حڪمرانن کي ڪري رهيو آهي. سنڌ جا ماڻهو اسان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.
** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪيپٽن اسٽيڪ سنڌ جي ڪمشنر کي سنڌي ڊڪشنري ۽ سنڌي گرامر بابت ڪم کان آگاهي ڏني ۽ درخواست ڪئي ته گرانٽ منظور ڪئي وڃي، جنهن مان هو سندس مدد ڪندڙ ماڻهن کي رقم فراهم ڪري سگهي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي، جنهن ۾ سنڌ مان سرآغا خان، محمد علي جناح، سرشاهنواز ڀٽو، سر غلام حسين هدايت الله ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اهو پهريون ڀيرو هو جو سنڌ جي چئن اهم اڳواڻن انهيءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ آئيني تبديلين بابت تجويزن تي ڳالهايو ويو.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن خلاف هلندڙ ڪانگريس جي عدم تعاون تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ انگريز سرڪار ايمرجنسي پاورس آرڊيننس 1932 جي قلم 35 تحت سنڌ جي سڀني مئجسٽريٽن کي خصوصي اختيار ڏئي ڇڏيا.
**1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جواهر لعل نهرو جي ڌيءَ انڌرا گانڌي ڀارت جي پهرين عورت وزيراعظم طور عهدي جو حلف کڻي ورتو، چونڊن ۾ ڪانگريس جماعت اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرواري بيگم نصرت ڀٽو کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو، جڏهن ته شيخ رفيق کي آزاد ڪيو ويو ۽ بينظير ڀٽو کي ڪراچي مان نيڪالي ڏني وئي.
** 1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريت خلاف جدوجهد لاءِ جوڙيل اتحاد ايم آر ڊي جي سينٽرل ڪاميٽي ايندڙ عام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ پي ايل او مشن کي سفارتخاني جو درجو ڏنو ويو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد کي گهر ۾ نظربند رکيو ويو.

No comments:

Post a Comment