Tuesday 10 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (11th January) By: Dr. Pathan


** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيڪب آباد ۾ آل سنڌ خلافت ڪانفرنس شروع ٿي، 
جنهن ۾ سڄي سنڌ جي سرگرم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪانگريس جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي،
 جنهن تي پوليس لٺبازي ڪري ڏني، لٺبازي ۽ شيلنگ ۾ 150
 اڳواڻ ۽ ڪارڪن زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 20
 عورتن سميت 36 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ جي اڳواڻ محمد هاشم گزدر
 بيان جاري ڪيو ته جي ايم سيد کي مسلم ليگ مان خارج ڪيو ويو آهي،
 جڏهن ته هن طرفان نامزد ڪيل 12 ميمبر هاڻي مسلم ليگ جا اميدوار نه هوندا.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيرو ۾ جبلن تان برفاني ڇپون ڪرڻ سبب 
گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار ماڻهو فوت ٿي ويا، رات جي وقت اهي پهاڙي
 ڇپون ڪرڻ سبب وڏي انگ ۾ شهري دٻجي ويا.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان تاشقند مان واپس اچي ويو،
 تاشقند معاهدي تي وڏو تڪرار پيدا ٿيو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شيخ مجيب الرحمان ڍاڪا ۾ پهتو،
 جتي هزارين ماڻهن سندس آجيان ڪئي.
**1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا جي اوپن يونيورسٽي ٻن
 سالن جي پڙهائي بعد پهريون ڀيرو شاگردن کي گريجوئيشن 
جون ڊگريون ڏنيون، هن يونيورسٽي شاگردن کي 1971ع ۾ داخلائون ڏنيون.
اڳتي هلي اها يونيورسٽي برطانيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ شمار ٿيڻ لڳي.
 شروع ۾ ڊاڪٽر والٽر پيري وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي اتحاد پي اين اي جو قيام 
عمل ۾ آيو، جنهن جو صدر مفتي محمود کي بڻايو ويو، هن اتحاد 
۾ جي يو آءِ، جماعت اسلامي، پي ڊي پي، جي يو پي، خاڪسار
 تحريڪ، تحريڪ استقلال، اين ڊي پي ۽ مسلم ڪانفرنس جماعتون شامل هيون.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي وقتي
 چيف جسٽس مولوي مشتاق کي مستقل چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو،
 چيف جسٽس مولوي مشتاق اچڻ شرط هدايتون جاري ڪيون
 ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف لاهور پوليس اسٽيشن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.

No comments:

Post a Comment