Tuesday 24 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (25th January) By: Dr. Pathan


** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ليفٽيننٽ پوسٽنس کي اپر سنڌ جو اسسٽنٽ
 پوليٽيڪل ريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو.
** 1858ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مٽياري سان تعلق رکندڙ غلام مصطفيٰ
 لغاري کان غلط فهمي سبب واپس ورتل 500 بگاس جاگير کيس واپس گرانٽ ڪئي وئي.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سيٺ حاجي عبدالله هارون جي
صدارت هيٺ ٿيل ميٽنگ دوران خلافت ڪاميٽي اهو فيصلو ڪيو 
۽ لاڳاپيل شاخن کي هدايتون جاري ڪيون ته اهي عدم تعاون واري
 تحريڪ کي موثر ۽ ڪامياب بڻائڻ لاءِ 50 هزار رپين جو چندو
 گڏ ڪن ۽ ڪنهن به صورت ۾ 50 هزار کان وڌيڪ نوان ميمبر
 وڌيڪ انرول ڪيا وڃن ۽ 2 هزار رضاڪار انهيءَ ڪم لاءِ کنيا وڃن.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حسين شهيد سهروردي ۽ افتخار
 محمود عوامي ليگ ۽ مسلم ليگ جي ضم ٿي وڃڻ بابت اعلان ڪيو.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ايئرپورٽ تي جيٽ رن وي جو افتتاح ڪيو ويو.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان آمريڪا طرفان ڏنل 
اها آڇ قبول ڪئي ته عالمي بينڪ جي صدر کي ڪشمير معاملي
 ۾ ٽياڪڙي طور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، انهيءَ ذريعي پهريون
 ڀيرو عالمي بينڪ پاڪستان جي سياسي معاملن ۾ دخل اندازي جي شروعات پڻ ڪئي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي ڪجهه
 شهرن ۾ ڪرفيو نافذ ڪيو ويو، انهيءَ دوران مختلف هنڌن تي
 احتجاج ۽ ريلين مٿان پوليس فائرنگ پڻ ڪئي پر ماڻهو ايوب
 حڪومت جي خاتمي لاءِ متحد نظر آيا.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ولي خان مارشل لا جي تسلسل 
جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ قومي اسيمبلي جي سيشن کي 
ملتوي ڪرڻ جي پڻ مذمت ۽ مخالفت ڪئي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اليڪشن ڪميشن ۾ ڀٽو جي چونڊن
کي چئلينج ڪيو ويو، مولانا جان محمد عباسي جي اهڙي اپيل قبول ڪئي وئي.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بيگم نصرت ڀٽو اهو چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو 
يا ان جي خاندان طرفان ڪابه رحم جي اپيل داخل نه ڪئي ويندي.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ٿيل لساني وڳوڙن دوران 
10 ڄڻن کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿي پيا.

No comments:

Post a Comment