Monday 9 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (10th January) By: Dr. Pathan


** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي سرڪار طرفان پهريون ڀيرو قومي
 پلاننگ ڪميشن ٺاهي وئي، اهو اهم فيصلو ڪرڻ ۾ سرڪار کي ڪيترائي سال لڳا.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هڪ آرڊيننس جاري
 ڪري پاڪستان ايئرلائنز جو قيام عمل ۾ آندو ويو.
**1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هيرالڊ ميڪ ملن برطانوي وزيراعظم ٿي ويو،
 سر اينٿوني ايڊن جي استعيفا بعد برطانوي راڻيءَ ميڪ ملن کي اهو
 عهدو سنڀالڻ جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا هن قبول ڪري ورتي.
 هيرالڊ ميڪ ملن 1963ع تائين برطانيا جو وزيراعظم رهيو.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ۽ ڀارتي وزيراعظم 
لال بهادر شاستري 9 نقاطي تاشقند معاهدي تي صحيحون ڪيون،
 جنهن ۾ سرحدن تان فوج گهٽائڻ سميت ڪيترائي معاملا شامل هئا.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ولي خان صدر ذوالفقار علي ڀٽو 
سان ملاقات ڪئي ۽ مارشل لا ختم ڪري عبوري آئين آڻڻ تي ڳالهيون ڪيون.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي جماعتن
 مطالبو ڪيو ته مارشل لا لاڳو ڪندڙ اختيارين جو احتساب ڪيو وڃي.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي وزير فاروق لغاري
 هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت
 ڪالاباغ ڊيم جو منصوبو شروع نه ڪندي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي
 ٿيل ضمني چونڊن ۾ آءِ جي آءِ قومي اسيمبلي جون 7 سيٽون ۽ صوبائي
 اسيمبلي جون 11 سيٽون حاصل ڪري ورتيون، اليڪشن قومي اسيمبلي 
جي 9 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 19 تڪن تي ڪرائي وئي.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ وفاقي شرعي عدالت
 جي انهيءَ فيصلي کي برقرار رکيو، جنهن ۾ چيو ويو ته پرائيز بانڊ
 اسڪيم اسلامي تعليمات جي خلاف ناهي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪوٽڙي ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ 13
 ماڻهو مارجي ويا ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

No comments:

Post a Comment