Sunday 15 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th January) By: Dr. Pathan


** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي جي گورنر سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ حسن علي آفندي هائوس جي قيام لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو، آفندي هائوس جي عمارت اٽڪل هڪ سال ۾ ٺهي مڪمل ٿي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا محمد علي جوهر جي وفات تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تعزيتي گڏجاڻيون ٿيون، ڪراچي، قمبر، لاڙڪاڻي، امروٽ، ٺٽي، بٺي ۽ ٻين علائقن ۾ گڏجاڻيون ٿيون، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي قمبر ۾ انجمن اسلام المسلمين جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو، جنهن جو صدر مولانا نورنگي کي بڻايو ويو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ هاري ڪاميٽي جي ورڪنگ ڪاميٽي آبادگارن بابت روگرس ٽومس رپورٽ رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالقادر کوکر ۽ جان محمد پلي تي مشتمل ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن کي چيو ويو ته هارين کي حق ڏيارڻ لاءِ مطالبن جي فهرست ٺاهي وڃي، جيڪي منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ تحريڪ هلائي ويندي.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ گڏيل مخالف ڌر طرفان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جو مقصد ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان لائحه عمل جوڙڻ هو، ڪائونسل مسلم ليگ جي سينٽرل ورڪنگ ڪاميٽي چونڊن جي بائيڪاٽ واري تجويز جي حمايت ڪئي.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق طرفان ذوالفقار علي ڀٽو خلاف هڪ ٻيو وائيٽ پيپر جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت تي اهو الزام لڳايو ويو ته هن قانون جي خلاف ڪم ڪيو ۽ پاڪستان کي محڪوم رياست بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي رهائشگاهه 71 ڪلفٽن تي پوليس ڇاپو هڻي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، فائيل ۽ فون قبضي ۾ ورتا ويا، ڇاپي وقت مير مرتضيٰ ڀٽو جي گهر واري غنويٰ ڀٽو ۽ سندس ٻار موجود نه هئا، ٻئي پاسي ساڳئي ڏينهن تي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  بينظير ڀٽُو جو چوڻ هو ته المرتضيٰ تي فائرنگ ۾ نصرت ڀٽو جو هٿ ناهي، جڏهن ته بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو ۾ اهم ملاقات به ٿي، جنهن ۾ آصف زرداري به موجود هو، بينظير ڀٽُو ۽ بيگم نصرت ڀٽو ۾ اختلاف ختم ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.نصرت ڀٽو پ پ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ پهتي ته سڀئي ميمبر احترام ۾ اٿي بيٺا.

No comments:

Post a Comment