Saturday 7 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (8th January) By: Dr. Pathan


** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي حڪمرانن شاهه شجاع الملڪ کي 
وڏي رقم ادا ڪرڻ لاءِ ٿرپارڪر جي علائقي مان وصولي شروع ڪئي،
 ان ڪم لاءِ سنڌ جي حڪمرانن ڀڄ ۾ مقرر انگريزن جي پوليٽيڪل
 ايجنٽ کان مدد پڻ طلب ڪئي، سنڌي حڪمرانن پنهنجي درخواست 
۾ چيو ته ٿرپارڪر ۾ برطانوي فوجي دستا موڪليا وڃن ته جيئن 
اسان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري سگهون، ان معاملي تي انگريزن
 جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر ڀڄ ۾ مقرر
 اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ کي صلاح ڏني ته حڪمرانن کي اهڙي 
قسم جي مدد فراهم نٿي ڪري سگهجي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻو ٻن سياسي گروپن ۾ ورهائجي ويو،
 بئرسٽر جان محمد جوڻيجي سرائي غلام محمد، سرائي امير علي لاهوري
 ۽ فقير علي محمد قادري خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي،
 درخواست ۾ هن ڄاڻايو ته ڄاڻايل ماڻهن ڪليڪٽر ۽ ڊي ايس پي کي
 خلافت ڪاميٽي جي گڏجاڻي بابت غلط معلومات فراهم ڪئي آهي،
 ٻئي پاسي عبدالڪريم نالي شخص جان محمد جوڻيجو ۽ سندس 8 
ساٿين خلاف درخواست داخل ڪئي، جيڪا ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ 
لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ داخل ڪئي وئي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سڪرنڊ ۾ امن سڀا جي گڏجاڻي ٿي، 
جنهن جي صدارت نوابشاهه جي ڪليڪٽر اي جي بولس ڪئي،
 گڏجاڻي ۾ چندومل، جڳت راءِ ۽ ٻين شرڪت ڪئي،
 هنن خلافت ڪاميٽي طرفان شروع ڪيل تحريڪ خلاف تقريرون ڪيون.
** 1926ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ هوم رول ليگ سياست ۾ 
عوام جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ جاڳرتا مهم شروع ڪئي،
 ناليواري ليکڪ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ ٻين
 ان حوالي سان مختلف گڏجاڻيون پڻ ڪوٺايون.
** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ رام گوپال مهتا هندو
 جيمخانو کوليو ويو، جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ خاص 
مهمان سنڌ جو ڪمشنر ڊبليو ايف هڊسن هو.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان بهادر ايوب کهڙي علامه اقبال
 سميت پنجاب جي سياستدانن کي خط موڪليا ۽ سنڌ کي
 بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري معاملي تي هلندڙ تحريڪ ۾
 حمايت گهري. جنهن جي موٽ ۾ سنڌ وارا پنجاب جي تعليمي 
ادارن ۾ مدد ڪندا، واضح رهي ته علامه اقبال ۽ علامه يوسف 
علي تعليمي معاملن بابت سنڌ سان الحاق واري تجويز جي مخالفت ڪئي هئي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان سعودي عرب ۾ پاڪ
 جاين جي حفاظت لاءِ 5 هزار فوجي دستا موڪلي ڏنا، 
ان وقت ۾ خليجي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي

No comments:

Post a Comment