Sunday 29 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th January) By: Dr. Pathan



** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نئين دهلي ۾ هندستان جي عظيم اڳواڻ
 مهاتما گانڌي کي قتل ڪيو ويو، مهاتما گانڌي پنهنجي سڄي ڄمار 
۾ عدم تشدد جي پرچار ڪئي پر کيس انگريزن کان آزادي بعد بيدرديءَ
 سان گوليون هڻي ماريو ويو. هن عدم تعاون، ستياگرهه ۽ خلافت
 تحريڪ سميت ڪيترين ئي تحريڪن ۾ حصو ورتو. گانڌي هڪ
 تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيل هو، هندو مهاسڀا جي نٿو رام گوڊسي 
نالي هٿياربند کيس سيني ۾ گوليون هنيون، ان کان اڳ به گانڌي تي 
ڪيترائي ڀيرا قاتلاڻا حملا ٿيا پر انهن ۾ هو بچي ويو هو،
 آخري حملي ۾  بچي نه سگهيو ۽ مارجي ويو.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ حسين شهيد سهروردي
 کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ بينڪر عبدالقادر کي ناڻي جو وزير بڻايو ويو.
**1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا ۾ سر ونسٽن چرچل جي 
وفات بعد لکين ماڻهن کيس ڀيٽا پيش ڪئي، هن کي مڪمل سرڪاري 
اعزاز سان دفنايو ويو، کيس 20هين صدي جو عظيم برطانوي وزيراعظم قرار ڏنو ويو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان خلاف سڄي 
ملڪ ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا، راولپنڊي، لاڙڪاڻي، سوات ۽ ٻين 
شهرن ۾ شاگردن ۽ وڪيلن وڏا جلوس ڪڍيا، ان دوران پوليس ۽ شاگردن ۾
 چڪريون پڻ ٿيون، جڏهن ته قومي اسيمبلي کي آگاهي ڏني وئي ته صدر 
ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويو آهي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين ايئرلائين ڪارپوريشن جي هڪ جهاز
 بغير ڪنهن شيڊيول جي لاهور ۾ لينڊنگ ڪئي، 
اهو جهاز والاريل ڪشمير جي هاشم ۽ الطاف نالي ماڻهن
 هاءِ جيڪ ڪيو هو، مسافرن کي آزاد ڪرڻ بعد جهاز کي تباهه ڪيو ويو.
**1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا ۾ پنهنجن حقن لاءِ روڊن تي آيل 
عوام تي فوجين گوليون هلائي ڇڏيون، جنهن جي نتيجي ۾ 13 عام شهري
 مارجي ويا، 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، سول حقن لاءِ جدوجهد
 وڏي عرصي کان هلي رهي هئي، ڪالهوڪي ڏينهن تي 
هنن وڏو مارچ ڪيو، جنهن کي فورسز روڪڻ جي ڪوشش
 ڪئي ته چڪريون شروع ٿي ويون.
** 2005ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عراق ۾ اٽڪل 50 سالن 
کانپوءِ عام چونڊون ٿيون، جنهن ۾ 80 لک ماڻهن ووٽ ڏنو،
 ٽرن آئوٽ 60 سيڪڙو تائين رهيو، جڏهن ته عام چونڊن واري
 ڏينهن آپگهاتي حملن ۽ تشدد جي واقعن ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا،
 پهريون ووٽ عراقي صدر غازي الياور ڏنو، واضح رهي ته ان
 کان اڳ عراق تي ڊگهي عرصي تائين صدر صدام حسين جو
 راڄ رهيو.چونڊون عبوري وزيراعظم اياد علاوي جي نگراني
 ۾ ڪرايون ويون. شيعا اڪثريتي آبادي جي علائقن ۾ ٽرن آئوٽ وڌيڪ ڏسڻ ۾ آيو.

No comments:

Post a Comment