Thursday 26 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (27th January) By: Dr. Pathan


** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور جي مير حڪمران انگريزن جي
 خيرپور ۾ مقرر ريزيڊنٽ آفيسر کي خط لکي آگاهي ڏني ته ڪنڌڪوٽ
 ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ ۽ اتان جي بازار کي ڊاهڻ سان ماڻهن کي نقصان ٿيندو،
 اهي مشڪلات ۾ اچي ويندا، ان ڪري پنهنجي سرڪار کي هن
 اهم معاملي کان آگاهي ڏيو ۽ فوري طور ڇانوڻي ٺاهڻ وارو منصوبو رد ڪيو وڃي.
** 1853ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز حڪومت خيرپور جي مير علي مراد خان
 ٽالپر خلاف انتقامي ڪارروايون شروع ڪيون، مٿس ڪوڙو الزام لڳايو ويو
 ته هن معاهدي ۾ تبديليون ڪيون آهن، سنڌ جي ڪمشنر کي هدايتون ڏنيون
 ويون ته اهو مير علي مراد جي علائقن بابت روينيو رپورٽ جمع ڪرائي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ڀارت جي ان تجويز جي 
حمايت ڪئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪئنال واٽر تڪرار ايڪسپرٽ ڪاميٽي کي موڪليو وڃي.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وارسڪ ڊيم منصوبي جو افتتاح ڪيو ويو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي اتحاد نيشنل ڊيمو
ڪريٽڪ فرنٽ ڪراچي ۽ ڍاڪا ۾ اهم گڏجاڻيون گهرايون،
 جنهن ۾ مستقبل جي ايڪشن پلان جي منظوري ڏني وئي، 
ڪراچي ۾ گڏجاڻي جي صدارت شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪئي،
 جڏهن ته نوابزاده نصرالله خان، ولي خان، سردار بهادر خان، 
سردار عطاءُالله مينگل، ميان طفيل احمد، پروفيسر غفور،
 مير رسول بخش ٽالپر ۽ ٻين ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪئي.
**1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جا 3 خلاباز اپولو ون 
حادثي ۾ فوت ٿي ويا، آڪسيجن سان ڀريل خلائي ڪيپسول ۾
 اوچتو باهه لڳي ۽ خلاباز ڪجهه سيڪنڊن اندر فوت ٿي ويا.اهو اپولو جو پهريون مشن هو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي لياقت آباد واري
 علائقي ۾ هنگامن سبب فوج کي طلب ڪيو ويو ۽ ڪرفيو لڳايو ويو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شيخ مجيب 
الرحمان وچ ۾ ٿيل ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون، شيخ مجيب 
جو اهو اسرار هو ته سندس 6 نقطا ڪنهن به صورت ۾ قبول
 ڪيا وڃن، ٻي ڪابه ڳالهه تسليم نه ڪندو. جڏهن ته سرڪار
 ڇهن ئي نقطن تي عمل کان نابري واري ڇڏي.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان جي گورنر مير غوث 
بخش بزنجو وفاقي وزير خان عبدالقيوم خان تي الزام لڳايو ته هو
 لسٻيلي واري علائقي ۾ ماڻهن کي هٿياربند ويڙهه لاءِ اڪسائي رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment