Wednesday 25 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (26th January) By: Dr. Pathan



** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڊاڪٽر ڊيل هوسٽي کي هندستاني سرڪار ڪرنل 
پوٽينجر ذريعي هدايتون موڪليون ته هو سنڌ جي جاگرافي بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪري ته جيئن اها معلومات سنڌ جا رستا ڳولڻ ۽ فوجي ذريعن لاءِ مدد لاءِ ڪم اچي سگهي.
** 1913ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو 28 هون ساليانو اجلاس شروع ٿيو، جنهن جي صدارت نواب سيد محمد ڪئي، جيڪو ٽيپو سلطان جي خاندان مان هو، واضح رهي ته سنڌ جي ماڻهن ڪانگريس جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سيٺ وشنداس سنڌ جو شروعاتي دور جو پهريون ڪانگريسي اڳواڻ هو، جنهن ڪيترائي اهم سياسي پروگرام ڪرايا، هندو ۽ مسلمان سياستدان ڪانگريس جي سالياني اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا هئا.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد مان شيخ عبدالمجيد سنڌي جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ هفتيوار اخبار الامين سنڌي مذهبي عالمن جي فتويٰ شايع ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪو به ماڻهو انگريزن جي فتح واري جشن ۾ شرڪت ڪندو اهو ڏوهه جو مرتڪب ٿيندو ۽ اهڙي عمل کي اسلام سان مذاق قرار ڏنو ويندو، انهيءَ فتويٰ ۾ اهو به چيو ويو ته جيڪي ماڻهو اڃا تائين انگريز حڪومت جي امداد تي هلي رهيا آهن، انهن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.
** 1937ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سر شاهنواز ڀٽو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي لاڙڪاڻي مان هڪ تڪ تي آمهون سامهون بيٺا، الوحيد اخبار شيخ عبدالمجيد سنڌي جي حمايت ڪئي ۽ شاهنواز ڀٽو تي تنقيد ڪئي.
**1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن وائيٽ جي ملازم مس ليونسڪي سان لاڳاپن جي سختي سان ترديد ڪئي، ميڊيا ۾ اهي خبرون آيون ته ڪلنٽن جو گذريل 18 مهينن کان انهيءَ عورت سان افيئر هلي رهيو آهي، واضح رهي ته بعد ۾ ليونسڪي ميڊيا ۾ اچي اهو اعتراف ڪيو هو ته هن جا ڪلنٽن سان لاڳاپا رهيا ۽ انهيءَ معاملي تي آمريڪا ۾ ڪتاب به شايع ٿيا. اڳتي هلي ڪلنٽن به انهن لاڳاپن جو اعتراف ڪيو.

**2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گجرات ۾ آيل تاريخ جي خطرناڪ زلزلي ۾ هزارين ماڻهو فوت ٿي ويا، اهو زلزلو ڀڄ، احمد آباد ۽ پاڪستان کي لڳندڙ علائقن ۾ آيو، 2 هزار ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا جڏهن ته اهو چيو ويو ته فوتين جو تعداد اڃا گهڻو آهي، وزيراعظم واجپائي جو چوڻ هو ته ڀڄ جي اسڪولن ۾ 400 کان وڌيڪ شاگرد به ملبي هيٺان دٻجي ويا آهن. انهيءَ زلزلي جا اثر پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن تي پيا. حيدرآباد ۾ هڪ عمارت ڪري پئي.

No comments:

Post a Comment