Wednesday 11 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (12th January) By: Dr. Pathan


** 1926ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ نيشنل هوم رول جي گڏجاڻي ٿي،
 جنهن ۾ جمشيد مهتا، ڄيٺمل پرسرام، ريوا چند وي ٿڌاڻي ۽ ٻين
 ناليوارن ماڻهن عدم اعتماد تحريڪ ۽ ان وقت جي سياسي صورتحال
 جي عنوان تي تقريرون ڪيون، انهيءَ گڏجاڻي جي صدارت هرچند راءِ وشنداس ڪئي.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ انجمن نصرت اسلام ۽ آريا
 سماج وچ ۾ مذهبي معاملن تي بحث شروع ٿيو، جنهن ۾ مولوي ثناءُالله 
امرتسروي، مولوي محمد ابراهيم سيالڪوٽي ۽ بابا کيئل داس حصو ورتو، 
انهيءَ تقريب جي صدارت سيد ميران محمد شاهه ڪئي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين گول ميز ڪانفرنس جي نائين ڪاميٽي 
جي پهرين گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ سر آغا خان، محمد علي جناح، 
شاهنواز ڀٽو ۽ غلام حسين هدايت الله سنڌي ميمبرن طور شرڪت ڪئي،
 ٽن ڏينهن بعد ڪاميٽي سفارش ڪئي ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي 
کان ڌار ڪري صوبائي حيثيت واپس ڏني وڃي.
** 1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ مهاتما ٻڌ ديو جي صدارت ۾ هندو
 ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور هندو اڳواڻن گوڪلداس،
 ڌرمداس بيلارام، گياني تيرٿ ساگر، ديوان چوهڙ سنگهه، 
پنڊت دوارڪا پرساد، پروفيسر تاراچند، نرسنگهه لال، چيتن ديو
 ورما ۽ لڌارام شرڪت ڪئي، اها ڪانفرنس هندو برادري کي 
درپيش مسئلن تي غور لاءِ گهرائي وئي هئي.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر مسلم ليگ 
سنڌ جي اڳواڻ يوسف هارون کي هڪ ٽيليگرام موڪليو،
 جنهن ۾ اها هدايت ڪئي ته جي ايم سيد جي مقابلي ۾ بيٺل اميدوار 
شهمير خان ڪڇي جي حمايت ڪئي وڃي، آل انڊيا مسلم ليگ
 فيصلو ڪري ورتو هو ته جي ايم سيد کي ڪنهن به صورت ۾ هارائڻو آهي.
**1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عالمي طور مشهور ناولسٽ اگيٿا ڪرسٽي 
وفات ڪري وئي، هن جا ڪل 83 ڪتاب شايع ٿيا، جن جون
 30 ڪروڙ ڪاپيون وڪرو ٿيون. برطانيا جي اها ليکڪا وڏي
 عرصي کان بيمار هئي، 85 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
** 1991ع ۾ آمريڪي ڪانگريس عراق جنگ جي حمايت ۾ ووٽ ڏئي ڇڏيو،
 ميمبرن چيو ته ڪوويت مان عراقي فورسز کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ فوجي
 دستا موڪليا وڃن ۽ عراق جي صدر صدام حسين کي سبق سيکاريو وڃي،
 ڪانگريس ۾ 250 ميمبرن مان 180 ميمبرن جنگ جي حق ۾
 ووٽ ڏئي ڇڏيو، ويٽنام جنگ کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪانگريس
 فوجي ڪارروائي جي منظوري ڏني. اهڙي منظوري ملڻ بعد 
آمريڪي صدر جارج بش ڪارروائي شروع ڪئي

No comments:

Post a Comment