Wednesday 1 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (1st June) By: Dr. Pathan




** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا جي راڻي
 ايلزبيٿ جي تاج پوشي ۽ سالگرهه جي موقعي تي
 پاڪستان ۾ عام موڪل ڪئي وئي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾
 پهريون ڀيرو عوامي سهولتن واري ٽرين پنجاب
 ايڪسپريس شروع ڪئي وئي، جيڪا ڪراچي
 کان پنڊي تائين هلائي وئي.اها ٽرين ڪافي عرصو
 هلندي رهي پر پوءِ ٻين ريل گاڏين وانگر هي ٽرين
 به اڳتي هلي بند ٿي وئي.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اوڀر پاڪستان تان
 گورنر راڄ ختم ڪري ابو حسن سرڪار کي بحال ڪيو ويو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اولهه پاڪستان ۾
 نواب آف ڪالاباغ ملڪ عامر احمد خان ٽئين گورنر
 جنرل طور عهدي جو حلف کنيو.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين سرڪار
 ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر فيض احمد فيض کي
 ادبي خدمتن جي مڃتا طور لينن ايوارڊ سان نوازيو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان ۾
سامونڊي طوفان سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ پڌري
 ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته طوفان ۾ اٽڪل
 50 هزار ماڻهن جون جانيون ضايع ٿي ويون.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگلاديش جي
 آزاد ٿيڻ کانپوءِ وارن معاملن تي غور ويچار کانپوءِ
 بنگلاديش جي پرڏيهي وزير عبدالسرمد آزاد ان
 ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت
 بنگلاديش کي آزاد ملڪ طور تسليم ڪري.
پاڪستان حڪومت ڪافي سالن تائين بنگلاديش
 کي تسليم نه ڪيو پر پوءِ اڳتي هلي نيٺ هن کي
 آزاد ملڪ طور تسليم ڪيو ويو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ولي خان
 پيپلز پارٽي جي حڪومت تي الزام هنيو ته اها
 بلوچستان ۾ اوڀر پاڪستان جهڙي صورتحال
 پيدا ڪري رهي آهي. جڏهن ته ذوالفقار علي
 ڀٽو اهي الزام رد ڪري ڇڏيا. وزيراعظم
ڀٽو جي دور ۾ بلوچستان ۾ ٿيل آپريشن تي
سياسي جماعتن سخت تحفظات جو اظهار ڪيو هو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور هاءِ ڪورٽ
 مارشل لا لاڳو ڪرڻ خلاف پنهنجو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميان نواز شريف
پنجاب جو وڏو وزير بڻجي ويو. ان دور ۾ پ پ وڏي
 اڪثريت سان ڪامياب ٿي آئي هئي ۽ بينظير ڀٽو
 ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز
 حاصل ڪيو. پر هن کي پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو.





No comments:

Post a Comment