Saturday 25 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (25th June) By: Dr. Pathan



** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستاني سرڪار
 سنڌ جي اڳوڻن حڪمرانن جي گهروارين طرفان گورنر
 سنڌ جي سيڪريٽ ڪاميٽي کي لکيل خط حاصل
 ڪري ورتو، خط ۾ ڄاڻايو ويو هو ته اهي عورتون
 پنهنجن مڙسن سان گڏ رهڻ چاهين ٿيون ۽ سنڌ ڇڏڻ
 چاهين ٿيون.واضح رهي ته انگريزن سنڌ تي قبضو
ڪرڻ کان پوءِ ڪيترن ئي حڪمرانن کي سنڌ بدر
 ڪري انهن کي قيد ڪري ڇڏيو هو.
** 1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت سنڌ
 جي قديم ۽ ثقافتي دستاويزن کي محفوظ ڪرڻ
جو فيصلو ڪيو، سنڌ جي ڪمشنر ان حوالي
 سان بمبئي سرڪار کي درخواست ڪئي ته ڪيپٽن
 هينري کي فوٽوگرافر طور مقرر ڪيو وڃي ته
 جيئن دستاويز محفوظ ڪري سگهجن، کيس
300 رپيا پگهار ڏني ويندي. سرڪاري انهيءَ جي
 مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي
 خالق ڏنو هال ۾ سيٺ هرچند راءِ وشنداس جي
 صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ کي بمبئي
کان ڌار ڪرڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو،
 واضح رهي ته هرچند راءِ وشنداس پهريون
 سنڌي سياستدان هو، جنهن سنڌ کي بمبئي پريزيڊينسي
 کان ڌار ڪرڻ جي تجويز کي هٿي ڏني هئي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جسٽس منير مولوي
 تميز الدين ڪيس ۾ حڪومت جي حمايت ۾ فيصلو
 ڪرڻ تي گهڻو مشهور ٿي ويو، سرڪار انهي فيصلي
عيوض کيس چيف جسٽس مقرر ڪيو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي
 وزيراعظم لياقت علي خان جي شهادت جي حوالي
 سان جاچ رپورٽ پڌري ڪئي وئي، جنهن ۾ اهو
 ڄاڻايو ويو ته اهڙو ڪو به سبب سامهون ناهي آيو،
جنهن مان اهو ثابتي سان چئي سگهجي ته قتل
 جي پويان ڪو سياسي مقصد هو. هن جي قتل
 جي پويان ڪوبه سياسي مقصد نه هو.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽
 افغانستان ريلوي لائين ذريعي رابطو قائم ڪرڻ
جو فيصلو ڪيو، ان حوالي سان ٻنهي ملڪن جي
 نمائندن هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون.
** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر يحيٰ خان
هڪ نئون آرڊيننس جاري ڪيو ته ون يونٽ جي
 خاتمي بابت صدارتي آرڊر کي ڪنهن
 به عدالت ۾ چئلينج نه ڪيو ويندو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار علي ڀٽو
 طرفان اعلان ڪيو ويو ته شملا معاهدي
کي قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو
 جي حڪومت دوران موهن جو دڙو انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ڪيو ويو.



No comments:

Post a Comment