Friday 17 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (17th June) By: Dr. Pathan




**1842ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي ايجنٽن
طرفان سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي ۽ سماجي معاملن
 ۾ تمام گهڻي مداخلت شروع ڪئي وئي، جنهن تان
 خان آف قلات، بجار خان، دريا خان ۽ ٻين جا
 انگريزن سان اختلاف شروع ٿي ويا،
 جنهن کانپوءِ برطانوي حڪومت جي
 هدايت تي برطانوي ايجنٽن ۽ اختلاف
 ڏيکاريندڙ ماڻهن ۾ ڳالهيون شروع ڪرايون ويون.
 سنڌ جي ماڻهن جو چوڻ هو ته برطانوي
 ايجنٽ ڄاڻي واڻي سنڌ جي معاملن ۾ مداخلت پيا ڪن.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب حڪومت
 ”ڪسان ستياگرهه“ جي اڳواڻن خلاف لاهور
 ۾ سخت ايڪشن جي وارننگ ڏني، حڪومت
 چيو ته ڪرمنل لا امينڊمينٽ ايڪٽ تحت
 ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.
 واضح رهي ته پنجاب جي هارين
 طرفان پنهنجي حقن لاءِ بک هڙتال شروع ڪئي وئي هئي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر
 جنرل قائداعظم محمد علي جناح طبيعت خراب ٿيڻ
 تي زيارت مان ڪراچي لاءِ روانو ٿيو،
 وزيراعظم لياقت علي خان کي
 گورنر جنرل جي چارج به ڏني وئي،
 جيڪا محمد علي جناح جي وفات تائين وٽس رهي.
 محمد علي جناح جي زيارت کان ڪراچي تائين
 جي سفر جو تاريخ ۾ تفصيل سان ذڪر آهي
 ته هن ڪهڙين حالتن کي منهن ڏنو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ هندستان
 مان آيل مهاجرن گڏجاڻي ڪوٺائي مهاجرين
 ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب حڪومت
 هندستان مان آيل مهاجرن لاءِ لاڳو ڪيل پناهگير
 الائونس فوري طور ختم ڪري ڇڏيو.
 جڏهن ته سنڌ ۾ هنن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏنيون ويون.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آرڪيالاجي جي ماهرن
 دعويٰ ڪئي ته انهن ڀنڀور واري علائقي ۾ پراڻي دور
 جي هڪ مسجد ڳولي ورتي آهي.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان
 ۽ ڀارتي وزيراعظم رڻ آف ڪڇ سرحدي تڪرار
 بابت ٿيل معاهدي بابت پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيپلزپارٽي جي
 سرڪار ۽ پي اين اي وچ ۾ معاهدي جي
 حوالي سان مولانا شاهه احمد نوراني اهو
 شرط رکيو ته سعودي عرب کان گارنٽي ورتي وڃي.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ آل پارٽيز
 ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيل اڳواڻن جنرل ضياءُالحق
 طرفان لاڳو ڪيل شريعت آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مديجي ريلوي اسٽيشن
 طرفان بولان ميل ايڪسپريس تي
 فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.



No comments:

Post a Comment