Saturday 11 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (11th June) By: Dr. Pathan



** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي سٽيزن
 ايسوسيئيشن جي ٿيل چونڊن ۾ هرچند راءِ وشنداس
 کي صدر، واڌو مل اڌارام کي نائب صدر، مير ايوب
کي نائب صدر، درگداس بي آڏواڻي ۽ آر ڪي سڌوا
 کي اعزازي سيڪريٽري، ڊاڪٽر ڊي جي
 آڏواڻي کي پبلڪ هيلٿ انچارج، جئه
 رام داس دولترام کي تعليمي انچارج،
جمشيد مهتا، عبدالرحمان، جي جي
ڇاگلا ۽ ٻين ستن ڄڻن کي
 مئنيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ اسيمبلي
 ميمبرن ۽ وزيرن کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن وفاقي
 حڪومت ڪراچي کي سنڌ کان ڌار
 ڪري ڇڏي ته اهي احتجاج طور استعيفا
 ڏئي ڇڏين، واضح رهي ته ڪراچي کي
 جڏهن وفاقي گادي وارو شهر بڻايو ويو
 ته ڪنهن به ان جي مخالفت نه ڪئي هئي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي
 (خيبرپختونخوا) جي عوامي ليگ جي اڳواڻ
 ارباب عبدالغفور کي ايف سي آر قانون تحت
 گرفتار ڪيو ويو، واضح رهي ته سنڌ، اين
 ڊبليو ايف پي ۽ بنگال جي اڳواڻن خلاف
 ڪيتريون ئي ڪارروايون ٿينديون رهيون
۽ انهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل آصف نواز
کي آرمي چيف ۽ جنرل شميم عالم کي جوائنٽ
 چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جو چيئرمين نامزد
 ڪيو ويو. اعلان ڪيو ويو ته چيف آف آرمي
 اسٽاف جنرل مرزا اسلم بيگ
 هلندڙ سال  16 آگسٽ تي رٽائر ٿي ويندو.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ
 اليڪشن ڪميشن کي نيون ووٽر
 لسٽون جاري ڪرڻ کان روڪي
 ڇڏيو،  عدالت جو چوڻ هو ته ووٽر
لسٽن ۾ وڏي گڙٻڙ آهي، وفاقي سرڪار
 ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف
ٽن صوبن جي اسيمبلين پاران رد ڪيل تڪراري
 منصوبي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري
 ڇڏيو، نواز شريف قوم کي خطاب ڪندي
 چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهي ٻيو مورچو
 فتح ڪنداسين، پ پ ، اين اين پي
۽ ٻين جماعتن سخت ردعمل ظاهر
 ڪندي چيو ته نواز شريف حڪومت
 ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري
ملڪ ٽوڙڻ جي شروعات ڪري
 ڇڏي آهي.هاڻي ننڍن صوبن کي
پنجاب سان گڏ رهڻ يا نه رهڻ
 جو فيصلو ڪرڻو پوندو. جڏهن ته
حڪومتي وزيرن وزيراعظم جي اعلان جو دفاع ڪيو.
** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هٿيار
بندن جي فائرنگ ۾ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر
 عبدالرازق خان مارجي ويو، عبدالرازق کي
 نيوچالي ٽريفڪ سگنل وٽ هٿياربندن
 گوليون هڻي قتل ڪيو هو، هو ڪيس
 اڪلائي گهر وڃي رهيو هو، حملي ۾
 سندس ڊرائيور به مارجي ويو.
رازق خان ٻه ڀيرا ايم پي اي رهيو، هن اٽڪل 30 سالن تائين سياست ڪئي.



No comments:

Post a Comment