Friday 24 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (24th June) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن طرفان سنڌ
 تي قبضي کانپوءِ منشي پيتامبر داس ۽ سندس سئوٽ
دعويٰ ڪئي ته ٺٽي ۾ جيڪا فيڪٽري موجود آهي
 اها سندن ملڪيت آهي، جڏهن ته انگريز
 عملدار ڪئپٽن ويلس اها تجويز ڏني ته اها
 فيڪٽري واري عمارت مسافر بنگلي
 ۾ تبديل ڪريون ٿا ۽ هڪ ڏينهن ترسڻ
جي مسواڙ هڪ رپيو مقرر ڪريون ٿا،
 واضح رهي ته سنڌ جي حڪمران ميان
 غلام شاهه ڪلهوڙي انگريزن کي
 سنڌ ۾ ڪارخانا قائم ڪرڻ جي اجازت
 ڏني هئي، جنهن بعد انگريزن پهريون ڪارخانو ٺٽي ۾ لڳايو  هو.
** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روهڙي ۾ سماجي
 خدمتن لاءِ هسانند سندرداس پمناڻي ”ست شري
 ڌرمداس شيوامنڊل“ قائم ڪيو، جتي مذهب جي
 تعليم ڏيڻ سان گڏ سنسڪرت ٻولي پڻ
سيکاري ويندي هئي، هڪ مهيني ۾ ٻه ليڪچر ٿيندا هئا،
 تعليم کاتي جو آفيسر ڪرمچند هنگوراڻي
 ڪيترائي ڀيرا ليڪچر ڏيڻ لاءِ انهيءَ شيوامنڊل ۾ آيو.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيڪب آباد
۾ مولانا تاج محمود امروٽي جي صدارت ۾
 خلافت ڪانفرنس شروع ٿي، ڪانفرنس ۾
 انتظاميا طرفان رڪاوٽون وجهڻ تي اڳواڻن
 سخت مزاحمت ڪئي، ڪانفرنس ۾ حڪومت
جي حامين کي وارننگ ڏني وئي ته اهي اسلام
 ۽ عوام مخالف حڪومت جي هٿن ۾ نه کيڏن ۽
 پنهنجي وطن سان غداري نه ڪن.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ مولانا محمد صديق
 کڏي واري ۽ فوجدار عمر خان مسجد منزل گاهه
 سانحي جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ٽربيونل
 آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ آيل
پناهگيرن جي بحالي جي حوالي سان وفاقي ۽ سنڌ
 حڪومت ۾ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير بنده علي،
 قاضي عبدالمنان، سيد نور شاهه، سيد غلام حيدر
 شاهه، احمد خان ۽ نجم الدين کي سنڌ ڪابينا ۾
 شامل ڪيو ويو، ٻئي طرف پنجاب جي وڏ
وزارت جي عهدي تان برطرف ڪيل افتخار
 حسين ممدوٽ کي سنڌ جو گورنر بڻايو
ويو ۽ هن عهدي جو حلف پڻ کڻي ورتو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان
 ۽ ڀارت وچ ۾ پاڻي تڪرار تي نئون معاهدو ٿيو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين
پاڪستان کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو
 ٻيهر فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي
 وئي ته ان جو سخت جواب ڏنو ويندو.
** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسلامي متحده
محاذ قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ جماعت اسلامي،
 جمعيت علماءِ اسلام، پاڪستان جمهوري پارٽي
 ۽ اهل حديث جماعتون شامل هيون.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم ڪيو ايم
جي وائيس چيئرمين سليم شهزاد کي گرفتار
 ڪيو ويو ۽ الطاف حسين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.



No comments:

Post a Comment