Monday 27 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (27th June) By: Dr. Pathan


** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪرنل پوٽينجر کي
 سنڌ ۾ انگريزن طرفان پنهنجو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر
 ڪيو ويو، جنهن انگريزن جي سنڌ تي قبضي
 ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.هن پهرين سنڌ جي حڪمرانن
 سان دوستي رکي، مراعتون ڏياريون ۽ پوءِ آهستي آهستي
 جاءِ ٺاهڻ شروع ڪئي، ڪرنل پوٽينجر مختلف وقتن تي
 برطانوي عملدارن کي گهرائيندو رهيو ۽ سروي جي نالي
 تي علائقن جي ڄاڻ حاصل ڪئي وئي. هن حڪمرانن
 سان ڪجهه معاهدا به ڪيا، جيڪي انگريزن جي فائدي
۾ ثابت ٿيا.انهن معاهدن جي ڀڇڪڙي تي حڪمرانن کي
بعد ۾ سزائون به ڏياريون ويون.
** 1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت شڪارپور
 مان بلوچ بٽالين کي هٽائڻ ۽ سکر ۾ به فورس جو تعداد گهٽ
 ڪرڻ تي غور شروع ڪيو پر سنڌ جي ڪمشنر
 انهيءَ تجويز جي مخالفت ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي
 راءِ ڏني ته پوليس فورس جي تعداد کي وڌايو وڃي.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ريپبلڪن پارٽي
 اهو واضح ڪيو ته اها ڪڏهن به ون يونٽ جي
 حمايت نه ڪندي ۽ نه ئي وري مستقبل ۾ حمايت
 جي حامي ڀري ويندي. ون يونٽ ملڪ لاءِ
 نقصانڪار آهي، ان کي فورن ختم ڪيو وڃي.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ايوب خان
 جي حڪومت ڊويزنل ڪائونسلون ٺاهيون، جيڪي
 هن جي تيار ڪيل بنيادي جمهوري سسٽم جو
 حصو هيون، انهن ڊويزنل ڪائونسلن
 ويسٽ پاڪستان ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪيو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي
 وزيراعظم هيرالڊ ولسن پاڪستان ۽ ڀارت
وچ ۾ رڻ آف ڪڇ تي هلندڙ تڪرار جي نبيري لاءِ
هڪ معاهدي جو مسودو موڪلي ڏنو، ٻنهي ملڪن
 تڪرار حل ڪرڻ لاءِ واشنگٽن، لنڊن ۽ گڏيل قومن
 کي تڪرار جي حل جو ذريعو قرار
 ڏنو ۽ انهيءَ جي ٽياڪڙي قبول ڪئي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار
 علي ڀٽو شملا مان پاڪستان روانو ٿيو،
 هو ڀارت سان ڳالهين لاءِ شملا ويو هو.
 واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 2
جولاءِ 1972ع تي شملا جي معاهدي تي
صحيحون ٿيون، پاڪستان طرفان ذوالفقار علي ڀٽو
 ۽ ڀارت طرفان وزيراعظم انڌرا گانڌي صحيح ڪئي.
 معاهدي تحت ڀارت 80 هزار کان وڌيڪ جنگي
 قيدي بڻايل پاڪستاني اهلڪار واپس
 ڪيا ۽ قبضو ڪيل علائقو به واپس ڪيو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي
 جي خصوصي ڪاميٽي جمعي ڏينهن سرڪاري
 موڪل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. واضح
 رهي ته ملڪ ۾ ڪيتري ئي عرصي تائين
 جمعي جو ڏينهن سرڪاري موڪل رهيو آهي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو
 جي ڪابينا ۾ شامل حفيظ پيرزادي اعلان ڪيو ته
 حڪومت پي اين اي کان ڪوبه نئون مسودو نه
 وٺندي ۽ نه ئي نئين معاهدي تي ڪا ڳالهه ٿيندي.
 ڇوته پاڪستان نيشنل اتحاد (پي اي اي)
جا اڳواڻ پنهنجي ڳالهين تان ڦري ويا آهن.


No comments:

Post a Comment