Thursday 23 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (23th June) By: Dr. Pathan




** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل
 ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر کي اجازت ڏني وئي ته هو
 ايسٽرن سنڌ جي علائقي ۾ پنهنجي فوج مقرر ڪري.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ
 تي قبضي کانپوءِ سنڌ جي حڪمرانن جي چارج
 رکندڙ انگريز عملدار ليفٽيننٽ گورڊن بمبئي جي
 گورنر کي سفارش ڪئي ته گرفتار ڪيل ٽالپر
 حڪمرانن لاءِ معاوضا ۽ الائونس منظور ڪيا وڃن،
 هن پنهنجي سفارش ۾ چيو ته حڪمران خاندان جي
 13 فردن ۽ 98 عملي جي ماڻهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ
 8000 رپيا رکيا وڃن، انهن جي نوڪرن جي
 ماهوار پگهار لاءِ 3000 رپيا، ڪپڙن لاءِ 1500 رپيا،
 گهوڙي گاڏين لاءِ 2500 رپيا، حيدرآباد جي
 مير نصير خان لاءِ 2800 رپيا، خيرپور جي
 مير رستم خان ٽالپر لاءِ 2500 رپيا، مير صوبدار
 خان ٽالپر لاءِ 2500 رپيا، مير محمد خان لاءِ 2000 رپيا،
 مير حسين علي پٽ مير محمد لاءِ 1400 رپيا،
 مير محمد خان لاءِ 600 رپيا، مير يار محمد لاءِ 400 رپيا،
 خيرپور جي مير نصير خان لاءِ 700 رپيا، نصير خان
 جي پٽ مير حسين علي لاءِ 500 رپيا، مير عباس علي لاءِ
 300 رپيا، مير صوبدار خان جي پٽ مير فتح خان لاءِ
500 رپيا، مير محمد علي لاءِ 300 رپيا ۽ رستم خان
جي پٽ مير علي بخش لاءِ 500 رپيا منظور ڪيا وڃن.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خلافت ڪاميٽي
 ۽ ڪانگريس جي مخالفت ۾ ٺاهيل جماعت امن
 سڀا جي ٽنڊو محمد خان ۾ خانبهادر ڄام مٺا خان
 جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اٽڪل
 20 زميندارن، پيرن ۽ هندو مکين شرڪت ڪئي،
 گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي چيو ويو ته
 اهي حڪومت خلاف ڪنهن به تحريڪ جو حصو نه ٿين،
 مولوي عبدالعزيز کي ٽربان ۽ لونگي سان نوازيو ويو،
گڏجاڻي ۾ شهدادپور جي ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مختيار ڪار
 ديوان ڪرپل داس، ديارام گهنومل، سيٺ راڌا ڪرشن،
 شامداس، ديوان واڌو مل ۽ ديوان ٽيڪچند به شرڪت ڪئي.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ واسڻ آر ڪي
 ڪرسٽيا کي لنڊن يونيورسٽي طرفان پي ايڇ ڊي
 جي ڊگري ڏني وئي، هن ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي
 مان تعليم حاصل ڪئي ۽ لاهور وومين ڪاليج
۾ وڏي عرصي تائين نوڪري ڪئي.
** 1948ع ۾ پاڪستان حڪومت ڪراچي
جو ڪنٽرول سنڌ سرڪار کان حاصل ڪري ورتو،
 جنهن تي ڪيترائي سنڌي سياستدان خوش ٿيا پر
اڪثر سنڌي اڳواڻن ان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مخالفت ڪئي.
** 1956ع ۾ وفاقي سرڪار پهريون ڀيرو
 23 مارچ کي يوم پاڪستان جو ڏهاڙو
 ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو،
ان کانپوءِ هر سال اهو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير پاڳاري
 مسلم ليگ جي قيادت جنرل ضياءُالحق حوالي ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.



No comments:

Post a Comment