Tuesday 7 June 2016



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير حڪمران خاندان
 جي فرد مير حسين خان هندستان جي ساسور جيل
 مان برطانوي حڪومت جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرز
 کي خط لکيو ته آئون پنهنجي ملڪ ۽ مٽن مائٽن ڏانهن
 وڃڻ چاهيان ٿو، منهنجي ماءُ بيمار آهي، جڏهن ته مون
 کي پنهنجي گهروارن جي سڪ به گهڻي لڳي آهي،
 آئون زندگي جا آخري سال پنهنجي ماءُ سان گڏ گذارڻ
 چاهيان ٿو، ان ڪري مون کي آزاد ڪيو وڃي ۽
 منهنجي هن ڪيس تي نظرثاني ڪئي وڃي،
واضح رهي ته سنڌ تي قبضي کانپوءِ
 انگريزن حڪمران خاندان جي ڪيترن ئي
فردن کي جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيو هو.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميرپورخاص
 جي زميندار ۽ اعزازي مئجسٽريٽ لال
رام ڏتو مل بمبئي حڪومت کي هڪ ٽيليگرام
موڪلي افغانستان جي بادشاهه جي حوالي سان
ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو، واضح رهي ته
 بمبئي جي انگريز سرڪار ۽ افغانستان
 جي بادشاهه وچ ۾ تمام گهرا لاڳاپا رهيا.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سياسي قيدين
 جي آزادي لاءِ رابندر ناٿ ٽئگور جي سربر
اهي ۾ اڳواڻن هندستان جي انگريز حڪومت
۽ پريزيڊنٽ آف ڪائونسل توڙي
 سيڪريٽري کي درخواست موڪلي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم ليگ
 ۽ آل انڊيا ڪانگريس پاڪستان ۽ ڀارت جي
رياستن/صوبن جو عارضي خاڪو تيار ڪيو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نورالامين
کي مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊيو ويو.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان
 جي علائقي نريا ينگانگ ۾ پوليس جي فائرنگ
 ۾ 10 ماڻهو مارجي ويا ۽ وڏي تعداد ۾ زخمي ٿيا،
 عوامي ليگ طرفان هڙتال جو سڏ ڏيڻ بعد ايسٽ
 پاڪستان ۾ هنگاما شروع ٿي ويا هئا.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي،
 حيدرآباد ۽ لاهور مان مارشل لا ختم ڪيو
 ويو، پي اين اي ۽ پ پ حڪومت اتفاق
 ڪيو ته چونڊون آڪٽوبر ۾ ڪرايون وينديون.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٽنڊوبهاول سانحي
 جا راز پڌرا ٿي پيا، 6 جون تي قانون لاڳو ڪندڙ
 اهلڪارن 9 بيگناهه ڳوٺاڻن کي ڌاڙيل ڄاڻائي ماري
 ڇڏيو، واقعي واري رات ڳوٺ بهاول زئور مان
 13 ڳوٺاڻا گرفتار ڪيا ويا هئا، جن مان ٽن ڄڻن
 کي رستي ۾ لاٿو ويو، شروع ۾ اهو معاملو ٻاهر
 نه پئي آندو ويو ۽ جڏهن سنڌي ميڊيا ۽ مقتولن
 جي وارثن دانهن ڪرڻ شروع ڪئي ته سڀ راز
 ظاهر ٿي پيا، ماريل ڳوٺاڻن جي وارث عورتن ۽
 مائرن پريس ۾ اچي دانهون ڪيون ته سندن پٽ
 بيگناهه هئا، جن کي ڌاڙيل ڪري ماريو ويو آهي.
 لاش اٽڪل 42 ڪلاڪن کان پوءِ وارثن حوالي
 ڪيا ويا، مارجي ويلن ۾ 4 سڳا ڀائر به هئا، واضح
 رهي ته انهيءَ واقعي جو مک ڪردار ميجر ارشد
 هو، جنهن کي بعد ۾ مقتول ڳوٺاڻن جي وڏي جدوجهد بعد ڦاهي ڏني وئي.


No comments:

Post a Comment