Tuesday 28 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (28th June) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪيپٽن
پوپ کي اها ذميواري ڏني وئي ته هو مير مراد علي خان
 ٽالپر کي مليل زمينن بابت تصديق ڪري ۽ ان جي
رپورٽ پيش ڪري، ان سان گڏو گڏ مير رستم خان
جي حوالي سان پڻ رپورٽ ڏيڻ لاءِ چيو ويو.
جنهن هندستاني سرڪار کي ٻئي رپورٽون پيش ڪيون.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ سواراج
 سوسائٽي قائم ڪئي وئي، جنهن جو پهريون
 صدر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سيڪريٽري
سنت داس منگهارام کي بڻايو ويو، اها سوسائٽي
قائم ڪرڻ جو مقصد عدم تعاون تحريڪ جي
راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻو هو.
** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مهاتما گانڌي
 هڪ اخبار ”هريجن“ ۾ حرن جي حوالي سان
 ڪجهه ڳالهيون لکيون، هن چيو ته جيڪڏهن
 مان سنڌ ۾ هجان ها ته اتي ڪجهه ڪرڻ
جي قابل هجان ها، آئون سڀئي شيون ڪاميابي
 سان ڪريان ها پر هاڻي مان وڏي عمر جو ٿي
ويو آهيان، ان ڪري اهو سڀ ڪجهه نٿو ڪري سگهان.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا جي
 وزيراعظم رهندڙ اهم شخصيت مارگريٽ ٿيچر
رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن هائوس
آف ڪامن ۾ پنهنجي سيٽ ڇڏي ڏني، هوءَ
اٽڪل 30 سالن تائين سياست ۾ سرگرم رهي، 
 هوءَ 1979ع ۾ برطانيا جي پهرين عورت
وزيراعظم چونڊجي آئي، 1990ع ۾ پنهنجي پارٽي
 جو بنياد وڌائين، برطانيا جي وڏي عرصي تائين
وزيراعظم رهندڙ شخصيت جو اعزاز به هن کي مليو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم ڪيو ايم
جي سمورن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڪراچي
 ۾ آپريشن خلاف احتجاج ڪندي اسيمبلين مان استعيفائون ڏئي ڇڏيون.
**1997ع ۾ پ پ چيئرپرسن بينظيرڀٽو ملڪ
 کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ فوج، ڳجهن ادارن ۽
 سياسي پارٽين تي ٻڌل قومي حڪومت ٺاهڻ جي تجويز
 ڏني، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن اها تجويز پيش ڪئي.
** 2004ع ۾ آمريڪا عراق تي ڪافي سالن
 تائين قابض رهڻ بعد اختيار عراق جي سول
 اختيارين حوالي ڪيا، ان حوالي سان بغداد ۾
 هڪ تقريب ٿي، جنهن ۾ اختيار عراقي ماڻهن
 کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.آمريڪا عراق تي
حملو ڪري صدر صدام حسين جي حڪومت جو
 تختو اونڌو ڪرڻ بعد قبضو ڪري ورتو هو.
** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي سرڪار
 جمهوري وطن پارٽي جي سربراهه ۽ بزرگ قومپرست
 اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي کي ڳالهين جي آڇ ڪئي،
گهرو معاملن جي وفاقي وزير جنرل (ر) معين
 الدين حيدر بگٽي کي پيغام موڪليو ته راڪيٽ
هلائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، ڳالهين جي ميز
 تي اچو ته مسئلا حل ڪريون، مقامي ماڻهن کي
 گئس ۽ نوڪريون ڏينداسين، مسئلن جي حل لاءِ
ٻه ڪاميٽيون ٺاهيون وينديون، جن ۾ نواب اڪبر
بگٽي جا نمائندا به هوندا، ٻئي پاسي بگٽي جو چوڻ
هو ته پهرين منهنجو گهيراءُختم ڪيو وڃي، ان کان
 پوءِ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته نواب
 بگٽي جي گهر جو گهيراءُ ڪرڻ
 خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويا.



No comments:

Post a Comment