Tuesday 14 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (14th June) By: Dr. Pathan



** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان
واهه واري علائقي ۾ مهاجر ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽
 کين هر طرح جي مدد ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جرمني جون فوجون پئرس
 ۾ داخل ٿي ويون، جرمن فوج کي ڪنهن به مزاحمت کي
 منهن نه ڏيڻو پيو، فرينچ فوج موجود رهي پر
 جرمن فوج جي اڳيان نه آئي، جڏهن ته ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ هٽلر به پئرس جو دورو ڪيو.
 فرانس ۽ جرمني ۾ وڏي عرصي تائين ويڙهه جاري رهي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنڊي سازش ڪيس
 ۾ سجاد ظهير، فيض احمد فيض ۽ ٻين جي ضمانت منظور ڪئي وئي.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت پاڪستان
 اي پي پي جو ڪنٽرول پنهنجي تحويل ۾ ورتو.
** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل پاڪستان
 سني ڪانفرنس جي ميڙاڪي ۾ سوشلزم ۽
ڪميونزم کي غير قانوني قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
**1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب صوبي
 ۾ اردو ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ويو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اي اين پي پنهنجي
سول نافرماني واري تحريڪ
 ولي خان جي مداخلت تي ملتوي ڪري ڇڏي.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ
ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ بينظير ڀٽو جي
 نظربندي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
** 1982ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سعودي عرب جي
 بادشاهه خالد بن عبدالعزيز جي وفات
تي پاڪستان پاران سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي فوج
 جا ڪنٽرول لائين کان سياچن ۽ ڪارگل تائين
 ڪيل حملا ناڪام بڻايا ويا، پاڪستاني قيادت
 ايل او سي، سياچن ۽ ٻين محاذن تي فوجين
جو انگ وڌائي ڇڏيو، پاڪ فوج ڀارت کي
 واضح پيغام ڏنو ته جيڪڏهن حملا بند نه ڪيا
ويا ته ڀارت کي اهڙو جواب ڏينداسين جو ان
 جي ايندڙ نسل ياد رکندا، ٻئي پاسي پرڏيهي ترجمان
 جو چوڻ هو ته ڀارت ڳالهين جا دروازا بند
ڪري جنگي محاذ کولي رهيو آهي، پاڪستان
ڳالهين جا دروازا کليل رکندو ۽ امن ڪوششن کي هٿي ڏيندو.
** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي قونصل
 خاني ٻاهران آپگهاتي ڪار ڌماڪو ٿيڻ جي
 نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 51 زخمي
ٿي پيا، 19 گاڏيون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون.
 پاڪستان حملي ۾ را جي ملوث هجڻ جو شڪ
 ظاهر ڪري ڇڏيو. آمريڪا واقعي جي مذمت
 ڪندي پاڪستان ۾ سفارتخانو ۽ قونصل خانا بند ڪري ڇڏيا.


No comments:

Post a Comment