Saturday 4 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (4th June) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي
 برطانوي حڪومت سنڌو درياءَ ۽ نارا جي وچ
 تي تاريخي گذر گاهه بحال ڪرڻ جي پلان
 جي منظوري ڏني. اهو پلان سنڌ جي گورنر
 جنرل چارلس نيپيئر پيش ڪيو هو.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار
 سنڌ جي ڪمشنر کي منهوڙا ۾ پورٽ آفيسر مقرر
 ڪرڻ جي اجازت ڏني.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ
 ليبر پارٽي جو بنياد وڌو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽ
ر تاراچند لالواڻي انهي جو پهريون صدر چونڊيو ويو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم ليگ
 جي ورڪنگ ڪاميٽي وڏي بحث کانپوءِ اختيارن جي
 منتقلي واري پلان کي قبول ڪري ورتو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار خان کي
 گرفتار ڪيو ويو ۽ حڪومت پنهنجي ان قدم کي
درست ثابت ڪرڻ لاءِ موقف اختيار ڪيو ته غفار
 خان جي مدد سان حسين شهيد سهروردي اوڀر ۽
 اولهه بنگال کي ڀارتي يونين ۾ رکڻ چاهي ٿو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي سياستدان
 مولا بخش سومرو کي 6 سالن تائين سياست ۾ حصو
وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور جي ٺيڙهي
 ڳوٺ ۾ ٻن مذهبي گروپن وچ ۾ جهيڙي دوران ڪجهه
 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 66 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي
ايڪس اسٽيٽ نوابس پينشن بل منظور ڪري ورتو،
 جنهن تحت خيرپور جي اڳوڻي حڪمران کي هڪ
لک رپيا ساليانو وظيفو ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.
** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري سياستدان
 ممتاز دولتانه انهي ڳالهه تي يقين ظاهر ڪيو ته
پاڪستان جون ڪجهه سياسي پارٽيون پرڏيهي
مالي امداد ۽ سپورٽ حاصل ڪري رهيون
 آهن، هن انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر سينٽرل جيل
۾ هنگامي دوران پوليس جي فائرنگ سان 13 قيدي
 مارجي ويا، جڏهن ته 35 زخمي ٿيا.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي
 دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت سنڌ جي
 اڳوڻي گورنر حڪيم محمد سعيد جي قتل ڪيس ۾
ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي 9 اڳواڻن ۽
 ڪارڪنن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي،
 خاص عدالت نمبر 6 جي جج قمر الدين بوهره
 جي عدالت حڪيم سعيد سميت ٽن ڄڻن جي قتل
 ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي موت جي سزا سان
 گڏ ڏنڊ جي سزا به ڏني، جوابدارن سزا ملڻ بعد
ڪيترائي نعرا به هنيا ۽ پوليس آفيسرن کي ڌمڪيون ڏنيون.
** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسرائيل ۽ فلسطين
 وچ ۾ آزاد فلسطيني رياست جي قيام ۽ تشدد جي خاتمي
 تي اتفاق ڪيو ويو، حماس ۽ ڪٽر يهودين طرفان
مخالفت جو اعلان، اردن جي شهر ۾ آمريڪي صدر
 بش ۽ اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله اسرائيل
جي وزيراعظم ايريل شيرون ۽ فلسطيني اڳواڻ
محمود عباس سان ملاقات ڪرائي، جنهن ۾ اهڙو اتفاق ڪيو ويو.


No comments:

Post a Comment