Wednesday 29 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th June) By: Dr. Pathan



** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميجر جيڪب سنڌ جي
 ڪمشنر کي آگاهي ڏني ته خان آف قلات ۽ مير مراد علي خان
 ٽالپر وچ ۾ سرحدن ۽ علائقن تان هلندڙ تڪرار کي حل
 ڪرايو ويو آهي، واضح رهي ته روجهاڻ قلعي ۽ مامول
تي حيدرآباد جي حڪمران مير نصير خان ٽالپر جو
 قبضو هو، جڏهن ته انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ
 مونجهارو پيدا ٿيو، مير مراد علي خان ۽ خان آف قلات
 وچ ۾ تڪرار هليو، جيڪو انگريز عملدار ميجر جان جيڪب حل ڪرايو.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار سنڌ
 ۾ آمريڪين جي داخل ٿيڻ تي سنڌ حڪومت جي ڪمشنر
 کان سخت پڇاڻو ڪيو ۽ معاملن جي جاچ
 ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رجعت پرست
مذهبي هندو اڳواڻن پاران بيان جاري ڪري سنڌ
 جي بمبئي کان عليحدگي تي سخت احتجاج ڪيو ويو.
 هنن جو خيال هو ته سنڌ کي بمبئي سان ڳنڍيل
 رکيو وڃي. جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو بمبئي
 کان عليحدگي جي تحريڪ هلائي رهيا هئا.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل بنگال
 نيشنلسٽ مسلم ڪانفرنس فريدپور ۾ ڊاڪٽر ايم اي
انصاري جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي
 سرڪار کان عليحدگي جو مطالبو ڪيو ويو.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شملا ۾ ليڊر
 ڪانفرنس ملتوي ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ اختيارن
جي منتقلي ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار  ٿيڻو هو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان پاڪستان
 ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، واضح رهي ته پاڪستان
 ۾ شموليت واري معاملي تي اين ڊبليو ايف پي ۽ بنگال
 مونجهاري جو شڪار رهيا، پنجاب لاهور ٺهراءُ جو
 پليٽ فارم فراهم ڪيو، جڏهن ته سنڌ واحد صوبو
 هو جنهن جي صوبائي اسيمبلي پاڪستان
 ۾ شموليت لاءِ 2 ڀيرا ٺهراءُ منظور ڪيو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان پيپلزپارٽي
 جي سرڪار ۽ مخالف ڌر جي اتحاد پي اين اي وچ
 ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسيمبليون
10 جولاءِ تي برطرف ڪيون وينديون ۽ بعد
 ۾ نيون چونڊون ڪرايون وينديون، ان حوالي سان
ٻنهي ڌرين معاهدي کي پڻ حتمي شڪل ڏني ۽ ڳالهين
 کي ڪامياب قرار ڏنو پر 10 جولاءِ کان 4 ڏينهن اڳ
 ۾ جنرل ضياءُالحق ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي ڇڏي
 ۽ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري
 وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت لائين آف
ڪنٽرول تي ڪاررواين ۾ تيزي آڻي ڇڏي، گولاباري
 ۾ ميجر سميت وڌيڪ 4 شهري شهيد ڪيا ويا،
 ڪيترائي زخمي، پاڪ فوج جي ترجمان جو
 چوڻ هو ته ڀارت هڪ لک فوج ايل او سي
 تي مقرر ڪئي آهي، اسان ڪابه اڳرائي نه ڪئي آهي،
 ڀارت ايل او سي سان گڏ ڪشمير ۽ اسڪردو ۾ به
 گولاباري ۽ فائرنگ به ڪري رهيو آهي.
ٻئي پاسي آمريڪا چيو ته اسان ٽياڪڙي نه ڪنداسين،
 پاڪ ڀارت قيادت پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪن ۽ تڪرار کي حل ڪيو وڃي.


No comments:

Post a Comment