Wednesday 29 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th June) By: Dr. Pathan



** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر
 کي ماتحت عملدارن اها آگاهي ڏني ته روهڙي وارو
 رستو ٺاهڻ تي 3300 رپيا خرچ اچي سگهي ٿو،
 اهي پئسا فيري فنڊ ۽ ميونسپل فنڊ مان گڏ ڪرڻا پوندا.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ سيٺ
سندرداس ولڀ داس جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ
ڪانگريس ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾
 مقررن دادا ڀائي نروجي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين تي ڳالهايو.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن خلاف تحريڪ
 ۾ سرگرم فريڊم فائيٽر ڀڳت سنگهه سان يڪجهتي
 لاءِ سنڌ ۾ خاص ڏهاڙو ملهايو ويو ۽ دعائون گهريون ويون.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ جي ايم سيد
جي رهائشگاهه حيدر منزل وٽ سنڌ جي مسلمان
 اڳوڻن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اهو طئي ڪيو
ويو ته جيڪڏهن خانبهادر ايوب کهڙو 5 جولاءِ
 تائين سنڌ جو ڪيس کڻي لنڊن روانو نه ٿيندو
 ته پوءِ سندس جاءِ تي سيد ميران محمد شاهه کي
موڪليو ويندو، واضح رهي ته ان وقت لاڙڪاڻو
 لوڪل بورڊ جي چيئرمين شپ جي اليڪشن ٿي
 رهي هئي ۽ ايوب کهڙو ان ۾ حصي وٺڻ جو
 خواهشمند هو، جنهن ڪري هن لنڊن وڃڻ کان معذرت ڪرڻ جي راءِ ڏني.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حدبندي ڪميشن
 بنگال ۽ پنجاب جي ورهاڱي ۽ سرحدن جو اعلان ڪيو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فوج کي اهو
 حڪم ڏنو ويو ته ايسٽ پاڪستان ۾ کاڌ خوراڪ
جو انتظام سنڀالڻ لاءِ فوري طور پهچي وڃي.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي
 ۾ سياسي پارٽين بابت بل پيش ڪيو ويو.
** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اٽڪل
15 سالن کانپوءِ ون يونٽ جو خاتمو آيو، صوبن
 کي پنهنجي اصل حيثيت ڏني وئي. واضح رهي
ته نومبر 1954ع ۾ صوبن جي حيثيت ختم ڪري
 ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو هو، انهيءَ معاملي تي
 صوبن ۾ نفرت پکڙجي وئي ۽ سنڌ سميت ٻين
 صوبن ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪون هلايون
ويون. وڏي عرصي بعد ون يونٽ جو آخرڪار انت آيو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نواز شريف جي
 حڪومت آپريشن ڪلين اپ جو دفاع ڪندي
 ايم ڪيو ايم کي حڪومت مان الڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم
 نواز شريف پنجاب ۾ وفاقي راڄ لاڳو ڪرڻ
 لاءِ پارليامينٽ مان منظوري حاصل ڪري
 ورتي، اپوزيشن ان جي مخالفت ڪئي، نگران
 وڏي وزير منظور وٽو چيو ته نواز شريف گورنر
 ۽ وزير اعليٰ هائوس تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.


No comments:

Post a Comment