Monday 6 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (6th June) By: Dr. Pathan



** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ حر تحريڪ
 کي چيڀاٽڻ لاءِ سنڌ جي اوڀر وارن علائقن ۾ مارشل
 لا لاڳو ڪيو ويو، انهيءَ عمل کي سنڌي پريس پنهنجي
شمارن ۾ تنقيد جو نشانو بڻايو، ماهوار توحيد ڪراچي
 پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ انهيءَ معاملي تي تفصيلي لکيو،
 توحيد جو ايڊيٽر مولانا دين محمد وفائي هو، جڏهن ته
 ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ مارشل لا لاڳو ڪرڻ خلاف لکيو ويو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مصر جو وزير ڪرنل
 انور سادات ڪراچي پهتو، جتي سعودي عرب جو
 شهزادو مسعود پهتل هو، ڪراچي ۾ ٻنهي عرب اڳواڻن
جي اچڻ جو مقصد پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾
 هلندڙ تڪرار کي ختم ڪرائڻ هو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان مان لڏي
 آيل مهاجرن کي ملڪيتون فراهم ڪرڻ ۽ ٻي مالي
 مدد ڪرڻ لاءِ هڪ سروي شروع ڪرائي وئي،
 جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته ڪيترن
 پناهگيرن وٽ اڃا تائين ملڪيتون ناهن.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ
پاڪستان ۾ مارشل لا لڳائيندڙ اختيارين گرفتار
 ڪيل شاگردن کي آزاد ڪري ڇڏيو، جن ۾ گهڻن
 شاگردن جو تعلق راولپنڊي ۽ حيدرآباد سان هو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي جنگي
جهازن پاڪستاني فوجي تنصيبات تي حملا شروع
 ڪري ڏنا، ان دوران پاڪستاني ميزائل ريڊار
 سسٽم کي جام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،
 جنهن ڪري ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ
پيدا ٿي وئي، ڀارتي فوج آزاد ڪشمير ۾ ڪجهه
 ڏينهن پهرين به حملو ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪ
 فوج جا جوان شهيد ٿيا هئا، پاڪ فوج جي
 ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي جنگي جهازن کي
 اڳتي وڌڻ ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي، موثر جواب
 ڏيڻ تي جهاز واپس هليا ويا. هوڏانهن پاڪ ڀارت
۾ لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ مختلف
 ملڪن ڪوششون شروع ڪري ڏنيون.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۽ لاهور
 ۾ بم ڌماڪا ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت
 5 ڄڻا مارجي ويا، 4 زخمي ٿي پيا، ڪراچي ۾ گرو
 مندر واري علائقي ۾ ڌماڪو ٿيڻ
 جي نتيجي ۾ شهرين ۾ خوف ڦهلجي ويو.
** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسرائيل فوج
 فلسطيني سربراهه جي هيڊڪوارٽر ۽ رهائشگاهه
تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ ياسر عرفات
محفوظ رهيو، جڏهن ته سندس ٻه محافظ شهيد
 ٿي ويا.ياسر عرفات جي آرام وارو ڪمرو
 حملي ۾ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو.
 عرفات جو چوڻ هو ته ڪمري ۾ نه هجڻ سبب بچي ويس.



No comments:

Post a Comment