Sunday 26 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (26th June) By: Dr. Pathan



** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر
 شڪارپور جي ڪليڪٽر کي هدايت ڪئي ته سکر
۽ روهڙي توڙي صدر بازار ۽ پير سبرا وچ ۾ فيري
 سروس شروع ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ليجسليٽو
 اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ 23 ووٽن جي
 حمايت سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ کي
 نئين آئين ساز اسيمبلي ۾ شموليت ڪرڻ گهرجي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي وڏي وزير
روهڙي ۾ ڪارپيٽ انڊسٽري قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو،
 جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي پنجاب جي وڏي وزي
ر ملتان ۾ انجنيئرنگ ڪاليج ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان نيشنل
الائنس معاهدي جو مسودو ۽ مطالبا حڪومت
حوالي ڪيا ۽ چيو ته جلد کان جلد مطالبا پورا ڪيا وڃن.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ چئن
 عورتن ۽ 7 ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جي
 13 ڀاتين کي ڪهي قتل ڪيو ويو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم ڪيو ايم
جي سربراهه طارق عظيم سميت اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي واپارين وفاقي
بجيٽ خلاف احتجاج ڪندي سڄي
ملڪ ۾ هڙتال ڪري ڇڏي، واپارين
جو چوڻ هو ته اسان سرڪار جي اقتصادي
 ۽ معاشي پاليسين مان خوش ناهيون، بجيٽ
 ۾ انهن جون تجويزون پڻ شامل نه ڪيون
 ويون آهن ۽ ڪيترائي ٽيڪس لڳايا ويا آهن.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي
 ٺهراءُ منظور ڪندي صوبي ۾ امڪاني گورنر
 راڄ کي رد ڪري ڇڏيو، ٺهراءُ ۾ چيو ويو
 ته سنڌ جمهوري نظام ۾ ڪنهن به صورت
 ۾ گورنر راڄ کي قبول نه ڪندي. ٻئي
طرف وڏي وزير لياقت علي جتوئي جو
چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف خاطري
 ڪرائي آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳايو ويندو.
** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻي وفاقي
 وزير عمر اصغر خان پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات
ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي گذري واري علائقي
 جي گهر مان سندس لاش مليو، هن خلاف نيب
 جي جاچ به هلندڙ هئي، عمر اصغر ايئر مارشل رٽائرڊ اصغر خان جو پٽ هو.



No comments:

Post a Comment