Saturday 18 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (18th June) By: Dr. Pathan



** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي امن سڀا جي شاخ
ٺٽي ۾ به کولي وئي، جتي غلام حسين تنظيم جو
 صدر ۽ هرچندراءِ ٽيلرام نائب صدر چونڊيا ويا،
 امن سڀا طرفان هڪ گڏجاڻي به ڪوٺائي وئي،
جنهن ۾ عوام کي چيو ويو
 ته اهي خلافت تحريڪ ۾ شامل نه ٿين.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار طرفان
 پهريون ڀيرو باضابطا طور تي
 شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو عرس ملهايو ويو،
 ان حوالي سان ٽن ڏينهن وارين تقريبن
جي شروعات ٿي، ادبي ڪانفرنس ۽ زميندار
 ڪانفرنس ٿي، جڏهن ته زرعي ۽ هٿ
 جي هنرن جي نمائش پڻ لڳائي وئي،
آخر ۾ موسيقي جو پروگرام ٿيو.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا شبير احمد
 عثماني حڪومت ۽ امير ماڻهن کي اپيل ڪئي
 ته اهي ڪراچي ۾ اردو ڪاليج جي قيام لاءِ مدد ڪن.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ون يونٽ واري
 معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ
مير غلام علي ٽالپر ۽ ڪجهه ٻين سياستدانن
 ريفرنڊم ڪرائڻ جي تجويز پيش ڪئي.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو
پرڏيهي وزير جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي،
 تاشقند معاهدي بعد صدر ايوب خان
 ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا هئا.
 جنهن بعد ذوالفقار علي ڀٽو استعيفا ڏئي
 عوامي سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،
 سندس اهڙي فيصلي جي عوام ڀرپور موٽ ڏني،
 مختلف ريلوي اسٽيشنن تي هن جو شاندار
 استقبال ٿيو. بعد ۾ اڳتي هلي
 هن پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لنڊن
کان برسلز لاءِ ويندڙ برطانوي ايئرلائين
جو جهاز ٽيڪ آف جي ڪجهه منٽن اندر
 تباهه ٿي هيٺ ڪريو، جنهن جي نتيجي ۾
 118 مسافر فوت ٿي ويا، برٽش يورپين ايئرويز
 جو جهاز ٽيڪ آف بعد ٿوري دير اندر حادثي جو شڪار ٿيو،
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي
 قراقرم شاهراهه عام ٽرئفڪ لاءِ کولي وئي.
** 1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾
 همدرد يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو،
جنهن جو باني اڳوڻو گورنر حڪيم محمد سعيد هو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي افغانين
 کانپوءِ بوسنيا جي ماڻهن پڻ پاڪستان ۾ پناهه
حاصل ڪئي، پهرين مرحلي ۾ 226 بوسنيا
 جا پناهگير پاڪستان پهتا، کين
نواز شريف جي حڪومت اجازت ڏني هئي.
** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت
 سان ٺاهه ڪندڙ ويڙهاڪ قبائلي اڳواڻ نيڪ
 محمد وانا ۾ ٿيل حملي ۾ مارجي ويو، هو پنهنجن
 ساٿين سان گڏ وڃي رهيو هو ته مٿس ميزائل حملو ڪيو ويو،



No comments:

Post a Comment