Tuesday 21 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (21th June) By: Dr. Pathan




** 1836ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي
 سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر
 پنهنجي حڪومت کي خط لکي مير نور
محمد ٽالپر جي علاج جي حوالي سان آگاهي ڏني،
 ڪرنل پوٽينجر خط ۾ لکيو ته مير نور محمد ٽالپر
 تيزي سان صحتياب ٿي رهيو آهي، سندس علاج
لاءِ برطانيا مان اسسٽنٽ سرجن ميٿورن کي گهرايو آهي.
 مير نور محمد جو علاج ڪندڙ انهيءَ ڊاڪٽر
 لاءِ الائونس منظور ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ
 ته هو ڪجهه عرصو اڃا سنڌ ۾ ترسندو.
** 1916ع ۾ ڪراچي جي تاريخ ۾ هندن لاءِ هڪ
 اهم ڏينهن سامهون آيو، اڄوڪي تاريخ تي سوامي ديوانندا
 پنهنجو پهريون ليڪچر ڏنو ۽ ان کانپوءِ هن ليڪچرز
 جي هڪ سيريز شروع ڪئي، ليڪچر پروگرام
منعقد ڪرائڻ جا انتظام هندو شيوڪ
 منڊل آف ڪراچي طرفان ڪيا ويا.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا ۽ جاپان
 ۾ جنگ جاري رهي، آمريڪا ويڙهه بعد جاپان جي
 اوڪيناوا ٻيٽ واري علائقي تي قبضو ڪري ورتو،
 انهيءَ جنگ ۾ جاپان جا 90 هزار کان وڌيڪ فوجي مارجي ويا.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد ايوب کهڙو،
 پير علي محمد شاهه راشدي، مير غلام علي ٽالپر،
 حاجي مولا بخش، سيرو مل ۽ يوسف عبدالله  هارون
 کي آئين ساز اسيمبلي جو ميمبر ظاهر ڪيو ويو،
 انهن ليڊرن مان پهرين ٻن ليڊرن ون يونٽ لاڳو
ڪرائڻ ۽ ان کي سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ سان تعلق رکندڙ
 سياستدان عبدالقادر سنجراڻي کي ويسٽ پاڪستان ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو
 کي هلال پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو ويو،
 هن کي اهڙو ايوارڊ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي
کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ڏنو ويو.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اگرتلا سازش
ڪيس ۾ نامزد ڪجهه ماڻهن اهو اعتراف ڪيو ته
اهي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا هئا.
** 1982 ۾ اڄوڪي تاريخ تي شهزادي ليڊي ڊيانا لنڊن
 جي سينٽ ميري اسپتال ۾ پٽ کي جنم ڏنو، جنهن
 جو نالو وليم رکيو ويو، ليڊي ڊائنا کي پٽ جي پيدائش
 ٿيڻ تي شاهي خاندان طرفان جشن جو اعلان ڪيو ويو.
 هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شاهي محل آڏو گڏ ٿي ويا
 ۽ مبارڪون ڏيندا رهيا، هنن جي هٿن ۾ گل ۽ ٻيا تحفا
 هئا، برطانيا ۾ جشن جو سماع شروع ڪيو ويو.



No comments:

Post a Comment