Sunday 12 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (12th June) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سر چارلس نيپيئر
سنڌ جي حڪمرانن مير محمد خان، مير صوبدار خان
 ۽ مير نصير خان ٽالپر بابت پنهنجين يادگيرين
 کي پيش ڪيو، مير نصير خان ۽ ٻين
 حڪمرانن چارلس نيپيئر ۽ سندس
 فوج خلاف شڪايتون ڪيون هيون،
چارلس نيپيئر پنهنجي يادگيرين ۾ اهي لفظ
 استعمال ڪيا ته سنڌ جي انهن حڪمرانن
 جون جيڪي شڪايتون هيون, اهي رديءَ
 جي ٽوڪري ۾ اڇلايون ويون، سنڌ جي اڳوڻن
 حڪمرانن جون شڪايتون ۽ چارلس نيپيئ
ر جا آيل ريمارڪس تاريخ جا اهم دستاويز
 آهن، جيڪي پڙهڻ سان انگريزن جي
سنڌين سان ڪيل ورتاءُ جي آسانيءَ سان خبر پئجي ويندي.
** 1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز
 عملدار ليفٽيننٽ چيپمين سنڌو درياءَ کي
 ڪئنال نظام ذريعي ڪراچي سان ڳنڍڻ
 لاءِ پلان تيار ڪيو، جيڪو هندستاني
 حڪومت کي پيش ڪيو ويو.
هندستاني سرڪار انهيءَ پلان جي منظوري ڏني.
** 1928ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ ڪانگريس
 طرفان باردولي ڏهاڙو ملهايو ويو، ان حوالي
 سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلوس
 ڪڍيا ويا، جنهن ۾ گانڌي طرفان سالٽ
 قانون جي ڀڃڪڙي جي حوالي سان ڳالهايو ويو.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ پيپلزپارٽي
جو بنياد وڌو ويو، شاهنواز خان ڀٽو کي صدر،
 الهه بخش سومرو کي نائب صدر، ميران
 محمد شاهه کي نائب صدر، حاتم علوي
 کي جنرل سيڪريٽري ۽  جي ايم سيد
کي جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پارٽيشن ڪاميٽي
 مختلف سب ڪاميٽين جي ماهرن  ۽ سرحدي
 ڪميشن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون
۽ ورهاڱي جي حوالي سان ضابطن ۽ قاعدن تي غور ڪيو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي
 صدر جنرل ايوب خان پاڪستان، ايران، افغانستان
 ۽ ترڪي تي ٻڌل فيڊريشن قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڏکڻ آفريڪا جي
 عظيم اڳواڻ نيلسن منڊيلا کي جنم ٽيپ جي سزا
ٻڌائي وئي،سندس حامين ڪورٽ ٻاهران سخت
نعريبازي ڪئي، هو ڪاري نسل جي ماڻهن کي
حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو. جنهن
 ۾ اڳتي هلي ڪامياب به ٿيو ۽ ڏکڻ آفريڪا جو صدر به ٿيو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عالمي تنظيم
سينٽو ڀارت کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان جي
 سمورن جنگي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي 39 سنڌي
 ليکڪن ۽ شاعرن احتجاج طور پاڪستان
 رائيٽرس گلڊ سان لاڳاپو ختم ڪري ڇڏيو.
** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي
 وزيراعظم اندرا گانڌي  کي ڪرپشن الزامن
 هيٺ ڇهن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو
. اندرا گانڌي ڪرپشن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو
۽ استعيفا ڏيڻ کان به نابري واري ڇڏي، هن جو
 چوڻ هو ته هوءَ انهن الزامن کي سپريم ڪورٽ
 ۾ چئلينج ڪندي،  گانڌي کي نااهل قرار ڏيڻ
 جو فيصلو الهه آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌايو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف
 ڌر جي اتحاد پي اين اي مڪاني چونڊن کان
اڳ  عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو پيش ڪيو.



No comments:

Post a Comment