Thursday 9 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (10th June) By: Dr. Pathan


** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سٽيزن
 ايسوسيئيشن طرفان ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو،
 جنهن ۾ مقررن ”سنڌ کي خودمختياري کپي“ جي
 عنوان تي ليڪچر ڏنا، اهو پروگرام عوام
 ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوٺايو ويو
 هو ۽ خاص طور تي سنڌ کي بمبئي
 کان ڌار ڪرڻ بابت عام راءِ ٺاهڻي هئي.
** 1967 ۾ اڄوڪي تاريخ تي وچ اوڀر ۾ جاري ويڙهه
 کي روڪيو ويو، اسرائيل گڏيل قومن جي
 مداخلت تي شام سان جاري جنگ کي ختم
 ڪرڻ جو اعلان ڪيو،  آخري ڇهن ڏينهن
 دوران اسرائيلي فوجين والاريل بيت المقدس
 جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو،
 اسرائيلي وزيراعظم شام سان جنگ کي
صحيح قرار ڏنو، جڏهن ته روس ۽ گڏيل
قومن مداخلت ڪري جنگبندي ڪرائي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار علي ڀٽو
 کي بريفنگ ڏني وئي ته جيڪڏهن ڀارت سوويت
يونين سان ڪو فوجي معاهدو ڪري ٿو ته
 پوءِ پاڪستان کي سينٽو ۽ سيٽو مان نڪري اچڻ گهرجي.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگلاديش کي
گڏيل قومن جو ميمبر ملڪ بڻايو ويو،  واضح
 رهي ته ان کان اڳ ۾ بنگال پاڪستان جو صوبو
 هو، آزادي بعد گڏيل قومن کيس الڳ ملڪ
 جي حيثيت سان تسليم ڪري ورتو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيپلزپارٽي
 ۽ پي اين اي جي اڳواڻن ۾ جاري ڳالهين دوران
 اڳواڻن چيو ته ڪو به ڊيڊلاڪ ناهي، اسان
 جلد ڪنهن مثبت نتيجي تي پهچي وينداسين،
 واضح رهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار
 ۽ مخالف ڌر جي اتحاد پي اين اي وچ ۾ معاهدو
 ٿي ويو هو، وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
 آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرائڻ تي راضپو
پڻ ظاهر ڪيو پر پوءِ به ڊڪٽيٽر ضياءُالحق
 جمهوري حڪومت جو تختو
 اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ
 جو اڳوڻو جج نظام الدين صديقي ڪراچي ۾
 پٽ سميت مارجي ويو، ٻئي ڄڻا هاءِ
 ڪورٽ کان گهر اچي رهيا هئا ته گهر
 جي در تي موٽرسائيڪل سوارن مٿن فائرنگ
 ڪري ڏني، جنهن ۾ اهي موقعي تي ئي
مارجي ويا.نظام صديقي جسٽس ناصر اسلم زاهد جو ڀيڻويو هو.
** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪور
 ڪمانڊر جي قافلي تي حملو ٿيڻ جي نتيجي ۾
10 اهلڪار شهيد ٿي ويا، ليفٽيننٽ جنرل احسن سليم حيات
 صبح جو آفيس وڃي رهيو هو ته ڪلفٽن پل وٽ سندس
 قافلي تي دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن
 ۾ هو پاڻ محفوظ رهيو،  آءِ ايس پي آر 10
 اهلڪارن جي شهادت ۽ 13 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي.



No comments:

Post a Comment