Wednesday 15 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th June) By: Dr. Pathan


**1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ ڪانگريس
 اڳواڻ سڀاش چندر بوس پريس ڪانفرنس ڪندي
چيو ته جيڪڏهن اسان هن وقت آزادي حاصل
 ڪرڻ لاءِ ڪوششون نه ڪيون ته پوءِ اهو
 اسان لاءِ سياسي آپگهات هوندو،
 اسان کي موقعو ملي رهيو آهي،
 جنهن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي
 ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قائداعظم محمد علي جناح
 هڪ بيان جاري ڪري مسلمانن کي اپيل
 ڪئي ته اهي پاڪستان فنڊ ۾ رقمون جمع
 ڪرائين ته جيئن مختلف معاملا حل ڪري سگهجن.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار خان
 کي 3 سال سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي وئي.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت وفاقي
 سرڪار کي هڪ لک ٽن ڪڻڪ
 فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي
 جي اڳواڻ مولانا مودودي جاگيرداري نظام جي
 حمايت ڪئي، جڏهن ته هن اهو به چيو ته
سندس پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان جي
رياستي يونينز کي بلوچستان صوبي ۾ ضم ڪيو ويو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان
 عوامي پارٽي جي اڳواڻ جي ايم سيد ايسٽ
 پاڪستان جي اڳواڻ مولانا عبدالحميد ڀاشاني سان ڳالهيون شروع ڪيون.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين
 پهرين عورت کي خلا ۾ موڪليو، اڳوڻي
 ٽيڪسٽائل ورڪر ويلنٽينا جي عمر 26 سال
 هئي، جنهن پهريون ڀيرو خلا جو سفر ڪيو
 ۽ ڪاميابي سان واپس زمين تي موٽي آئي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي
وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پي اين اي کي
 خاطري ڪرائي ته وچ اوڀر جو دورو ڪرڻ
 کانپوءِ آئون معاهدي تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق
 ملڪ ۾ شريعت آرڊيننس لاڳو ڪري ڇڏيو،
 جنهن ۾ مفتي صاحبان کي هدايت ڪئي
 وئي ته اهي ڪورٽون لڳائين ۽ عالم انهن ڪورٽن ۾ جج مقرر ڪن.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي
 سرڪار طرفان تعمير وطن ترقياتي
 پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو،
 هن پروگرام ذريعي هر ايم اين اي کي
هڪ سال ۾ هڪ ڪروڙ رپين جا فنڊ ڏنا ويا.


No comments:

Post a Comment