Monday 20 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th June) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستاني
 سرڪار سکر ۾ پنهنجي ريزيڊنسي
 جي اڏاوت لاءِ  13 هزار 15 رپيا منظور ڪيا.
** 1851ع ۾ ڪراچي ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي واري
 جهاز ذريعي رابطو قائم ڪيو ويو، ان لاءِ
 ”انڊس فلوٽيلا “ ذريعي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿي.
** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قائداعظم محمد علي جناح
 ڪراچي ۾ مسلم چيمبر آف ڪامرس کي خطاب
 ڪندي چيو ته جيستائين اسان معاشي طور
 مضبوط نه ٿينداسين تيستائين اڳتي
نه وڌي سگهنداسين، قوم جي معاشي
حالت مضبوط بڻائڻي پوندي.
** 1927ع ۾ سيٺ هرچند راءِ وشنداس
پهريون سنڌي سياسي اڳواڻ هو جنهن سنڌ
 کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو،
 اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي شهرين سان گڏجاڻي
 ڪرڻ کانپوءِ هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو، جنهن
 ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري
 آزاد صوبي واري حيثيت ڏني وڃي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگال
 اسيمبلي جي ميمبرن فيصلو ڪيو ته
صوبي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ کپي.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انجمن ترقي
 پسند مصنفين کي غير قانوني قرار ڏنو ويو.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد
 ڊويزن ۾ آيل سامونڊي طوفان  جي نتيجي ۾
اجل جو شڪار ٿي ويل ماڻهن جو انگ 600 ڄاڻايو ويو.
** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اولهه پاڪستان جي
سرڪار لينڊ ڪميشن کي ختم ڪري ڇڏيو.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت
خدائي خدمتگذار خان عبدالغفار خان جي سياسي
سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
**1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
 مسلم ملڪن تي ٻڌل بچاءُ واري ٺاهه جي تجويز پيش ڪري ڇڏي.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي
 ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سميت 6 ماڻهن جي
 قتل ۽ وڳوڙن کانپوءِ صوبائي حڪومت
شهر جي 6 علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميجر ڪليم کي
 خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هن اهو
 بيان رڪارڊ ڪرايو ته ايم ڪيو ايم جو سربراهه
الطاف حسين کيس مارائڻ چاهي ٿو.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چيف ايگزيڪيوٽو
 جنرل پرويز مشرف اسيمبليون ٽوڙي صدر رفيق
 تارڙ کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ملڪي
 صدر طور حلف کڻي ورتو، ايوان صدر ۾ صدر
مملڪت جي عهدي جو حلف کڻڻ بعد هن چيو
 ته چونڊون ايندڙ سال ڪرائيندس، حلف نامي
 ۾ آئين جو تحفظ، حفاظت  ۽ دفاع وارو جملو
 شامل نه ڪيو ويو.مشرف جو چوڻ هو ته
 اسيمبلين جي ٽٽڻ بعد تارڙ جو صدر رهڻ
 جو جواز نه هو، جڏهن ته ٻئي پاسي
 تارڙ جو چوڻ هو ته پي سي او هيٺ
صدارتي عهدي تان فارغ ڪيو ويو.


No comments:

Post a Comment