Sunday 19 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (19th June) By: Dr. Pathan



** 1842ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير مراد علي خان ٽالپر
 ۽ مير رستم خان وچ ۾ ڪجهه ڳوٺن جي مالڪي
تان تڪرار پيدا ٿي پيو، مير مراد علي خان ٽالپر
 انگريز عملدار ليفٽيننٽ برائون کي چيو ته سندس
 ڪيس هندستاني حڪومت آڏو رکيو وڃي،
مون کي هندستاني سرڪار جو هر فيصلو قبول هوندو.
**1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ڪليڪٽر
 کي اهي هدايتون جاري ڪيون ويون ته هو ڪراچي
 شهر جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري، امن امان ۽
 مئجسٽريٽ واريون ڊيوٽيون پوليس اختياريون پاڻ نڀائينديون.
** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي جي
 ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ مختلف اسڪولن جي
 سالياني گرانٽ منظور ڪري ورتي، انهن اسڪولن
 ۾ سنڌ مدرسه اسڪول ڪراچي لاءِ 2500 رپيا،
 ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي لاءِ 1000 رپيا،
 ٽيڪنيڪل اسڪول سکر لاءِ 100 رپيا، اي
وي اسڪول ٽلٽي لاءِ 250 رپيا، لاڙڪاڻه
 مدرسه اسڪول لاءِ 2500 رپيا، ميهڙ
 مدرسه اسڪول لاءِ 500 رپيا، اي وي
 اسڪول دادو لاءِ 600 رپيا ۽ گرلز
 اسڪول سيوهڻ لاءِ 100 رپيا منظور ڪيا ويا.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مسلمان
اڳواڻن جي  ڏنل سڏ تي سنڌ سيپريشن ڏهاڙو
 ملهايو ويو، اهو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد سنڌ
کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري ڪيس کي اجاگر ڪرڻ هو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ
 جي قيادت ڪراچي کي پاڪستان جو گادي
 وارو شهر بڻائڻ جي تجويز ڏني، جڏهن
 ته لاهور ۽ ڍاڪا تي پڻ غور ڪيو ويو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي
 پاڪستان سوويت يونين جي حڪومت
 کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ موجود
 سوويت سفارتڪار تي فيصلا گڏيل
بنيادن تي لاڳو ٿيندا، جيڪڏهن سوويت
يونين ۾ پاڪستاني سفارتڪار تي ڪي
 پابنديون لڳنديون ته اهڙو عمل پاڪستان ۾ پڻ ٿيندو.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڍاڪا
 ۾ اگرتلا سازش ڪيس جي شروعات ٿي،
 جسٽس ايس اي رحمان جي سربراهي ۾
 هڪ خصوصي ٽربيونل ڪارروائي هلائي.
**1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف
 ڌر جي اڳواڻ ميان نواز شريف پيپلزپارٽي
 جي سرڪار طرفان پيش ڪيل بجيٽ
 خلاف هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي
 سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ منظور ڪري
 وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته
 سيلز ٽيڪس جي اوڳاڙي صوبن حوالي ڪئي وڃي،
 سيلز ٽيڪس تي صوبن جو حق آهي پر وفاق
 ان تي قبضو ڪري ويٺو آهي، ٺهراءُ ۾ چيو
 ويو ته پنجاب مان سيلز ٽيڪس جي اوڳاڙي
 19 ارب رپيا  ۽ سنڌ مان 56 ارب رپين
 جي ٿئي ٿي، وفاق ان جي بدلي ۾ 10
سيڪڙو رقم به نٿو ڏئي. سنڌ کي پئسي پئسي جو محتاج بڻايو ويو آهي.



No comments:

Post a Comment