Thursday 9 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (9th June) By: Dr. Pathan


** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي
 (خيبرپختونخوا) جي سرحد تي ٻن قبيلن وچ ۾ ٿيل
 جهيڙي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، اهو جهيڙو
 ٻن قبيلن جي سردارن وچ ۾ شروع ٿيو هو، جيڪو
 بعد ۾ وڏو عرصو جاري رهيو.
 جهيڙي ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم ليگ
 جي ڪائونسل ٺهراءُ پاس ڪندي برطانوي
 حڪومت جو پنجاب ۽ بنگال جي ورهاڱي
 بابت پلان قبول ڪري ورتو، برطانوي حڪومت
 طرفان پنجاب ۽ بنگال کي ورهائي اڌ حصو ڀارت
۽ اڌ حصو پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو پلان ٺاهيو ويو هو.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت تاريخي
 رڪارڊ جي تحفظ ۽ سروي جو حڪم جاري ڪيو،
 وفاقي سرڪار طرفان اهڙو حڪم پاڪستان جي
 قيام جي اٽڪل 4 سالن کانپوءِ ڏنو ويو، جڏهن
ته انگريزن سنڌ تي قبضي جي فورن بعد نه رڳو
رڪارڊ کي محفوظ ڪيو پر سنڌ جي ثقافتي ماڳن جو پڻ تحفظ ڪيو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب حڪومت
ڀارت مان ايندڙ مهاجرن جي معاملي کي حل ڪرڻ
 لاءِ هڪ عدالتي ڪميشن جوڙي ڇڏي.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪمانڊر ان چيف
 ايوب خان جي مدي ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ ڪئي وئي.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان
حڪومت اويڪيو پراپرٽي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي.
** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اردن جي بادشاهه
 شاهه حسين تي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني،
 هو پنهنجي گهر ڀرسان گاڏي هلائي رهيو هو ته
 مٿس حملو ٿيو پر هو معجزاڻي طور بچي ويو،
 حملي ۾ گاڏي ۾ ويٺل ڊرائيور زخمي ٿي پيو،
 معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو.
** 1983ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا ۾ وزيراعظم
 مارگريٽ ٿيچر جي ڪنزرويٽو پارٽي وڏي
 اڪثريت سان ڪامياب ٿي وئي، 397 مان
 209 سيٽون ڪنزرويٽو پارٽي کي مليون
 ۽ مخالفن کي شڪست نصيب ٿي.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعليٰ سنڌ
سيد مظفر حسين شاهه اهو اعتراف ڪيو ته آپريشن
 ڪلين اپ جي نالي تي ٽنڊو بهاول ۾ ماريل 9
 ڄڻا ڏوهاري نه هئا، بيگناهه ڳوٺاڻن جو قتل ڪيو
 ويو آهي،  واضح رهي ته ٽنڊو بهاول سانحي
۾ ملوث ميجر ارشد کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو هو،
 هن ڪيس ۾ انصاف لاءِ مائي جندو وڏو احتجاج ڪيو.
** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي
 جماعتن وزيراعظم جمالي سان ڳالهين کان
انڪار ڪري ڇڏيو، هنن جو چوڻ هو ته اهي
 فوج سان سڌيون ڳالهيون چاهين ٿا، اسلام آباد
 ۾ ٿيل اجلاس ۾ مخدوم امين فهيم، اعتزاز،
مولانا نوراني، فضل الرحمان، پروفيسر
غفور، جاويد هاشمي، چوڌري نثار، عمران خان
 ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو ته جمالي وٽ ڪي به اختيار ناهن.



No comments:

Post a Comment