Wednesday 15 June 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th June) By: Dr. Pathan



** 1836ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار
 ڪرنل پوٽينجر سنڌ ۾ سرگرم ٿي ويو، هن مير
 نور محمد ٽالپر سان حيدرآباد ۾ ملاقات ڪئي ۽
ساڻس مختلف معاملن تي ڳالهايو، ڪرنل
 پوٽينجر سنڌ جي حڪمرانن کي ٻڌايو ته
 کيس هندستاني حڪومت طرفان سنڌ
 ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو پيو وڃي.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد جي ڪليڪٽر
 حيدرآباد ميونسپالٽي جي سال 57-1856ع
جي رپورٽ سنڌ جي ڪمشنر کي پيش ڪئي.
** 1914ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گرو ڪولا
 ڪانگري جو گورنر  شريمان مهاتما منشي
 رام جيت سنڌ جو دورو ڪيو، جنهن دوران
 هن ڪراچي ۾ آريا سماج جي عنوان هيٺ ليڪچر پڻ ڏنو
** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪرمنل انٽيليجنس
 شملا پنهنجي سرڪار کي ٻڌايو ته اهي افواهه آ
هن ته سنڌ ۾ پرشيا مان هندستان مداخلت ڪري
 سگهي ٿو، جنهن ڪري سنڌي  هندو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور
 سٽيزن ايسوسيئيشن طرفان نوان عهديدار
 چونڊيا ويا، جن ۾ ديوان ڪشنداس ڄيٺملاڻي
کي صدر، سيٺ گهنشام داس نارائڻ داس
 راجپال کي مئنيجنگ ڪاميٽي جو چيئرمين
 ۽ رامچند ايڇ اي کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار خان کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ليفٽيننٽ
 ڪرنل صديق راجا ۽ ميجر خواجه محمد يوسف
کي پڻ راولپنڊي سازش ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو،
جنهن ۾ سجاد ظهير، فيض احمد فيض ۽ ٻين کي به نامزد ڪيو ويو هو.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان شاهه
 فاروق کي مصر ۽ سوڊان جو بادشاهه تسليم ڪري ورتو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد جنرل
 آفيسر ڪمانڊنگ کي تبديل ڪيو ويو، ڇو ته
 ٽنڊو بهاول ڳوٺ ۾ 9 ڳوٺاڻن کي ڌاڙيل ڄاڻائي
 مارڻ وارو واقعو سڀني جي سامهون اچي
 چڪو هو ۽ خود فوجي عملدارن پڻ اعتراف
 ڪيو ته اهي ڌاڙيل نه هئا پر بيگناهه ڳوٺاڻا هئا.


No comments:

Post a Comment