Wednesday 8 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (9th February) By: Dr. Pathan


** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن کان جاري خلافت 
ڪانفرنس اختتام تي پهتي، ان موقعي تي ايڊهاڪ سنڌ خلافت
 ڪاميٽي جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جو صدر حاجي عبدالله هارون
 ۽ سيڪريٽري محمد خان کي چونڊيو ويو، ايڊهاڪ ڪاميٽي ۾ ڪجهه ميمبر پڻ شامل ڪيا ويا.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ جمشيد مهتا ”رورل
 ريڪنسٽرڪشن فورم“ قائم ڪيو، جنهن جو مقصد شهري علائقن
 سان گڏ ٻهراڙي وارن علائقن جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ هو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا هندو مهاسڀا جي ورڪنگ 
ڪاميٽي جي ٿيل اجلاس ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته آئين ساز اسيمبلي
 آئيني طور تي مڪمل ادارو آهي ۽ ان کي اختيار پڻ آهن، 
ان اداري تحت اکنڊ هندستان جو سياسي آئين تيار ڪري سگهجي ٿو،
 ڪاميٽي وڌيڪ اهو به چيو ته اسيمبلي ۾ مقامي ماڻهن کي
 مڪمل نمائندگي ڏني وڃي ۽ مختلف رياستن ۾ ذميوار حڪومتون قائم ڪيون وڃن.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ پهرين آدمشماري جو آغاز ڪيو ويو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ 
آئين ساز اسيمبلي جي صدر مولوي تميزالدين جي پٽيشن اتفاق راءِ 
سان ٻڌڻي لاءِ منظور  ڪري ورتي، مولوي تميزالدين 24
 آڪٽوبر 1954ع واري قدم کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ۽ مخالف ڌر جي
 اڳواڻ نوابزاده نصرالله خان وچ ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڳالهيون
 شروع ڪرڻ جي حوالي سان ڪجهه معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت پاڪستان کي وارننگ ڏني 
ته جيڪڏهن هن هائيجيڪرن کي ڀارت جي حوالي نه ڪيو ته تڪرار وڌي سگهي ٿو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دنيا جي مختلف ملڪن جي
 اڳواڻن جنرل ضياءُالحق کي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو بابت نرميءَ جي اپيل ڪئي.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ وڳوڙن دوران وڌيڪ
 64 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نواز شريف مخالف ڌر جي اتحاد
 پي ڊي اي کي چتاءُ ڏنو ته اهي ايوان صدر تي حملا بند ڪن.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ميان 
منظور وٽو کي 13 ڪروڙ رپين جي بدعنوانين جي ڪيس ۾ ناٺي 
۽ سالي سميت گرفتار ڪيو ويو. هو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو
 ته سندس ضمانت جي درخواست رد ڪئي وئي،
 جنهن بعد کيس گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment